صولت مرزا جو بيان ايم ڪيو ايم خلاف سازشي منصوبي جو حصو آهي: الطاف حسين

لنڊن (م.ڊ) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين صولت مرزا پاران ڏنل بيان جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته اهڙا بيان ايم ڪيو ايم خلاف سازشي منصوبي جو حصو آهي.  صولت مرزا جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي الطاف حسين چيو ته صولت مرزا جيڪو ڪجهه چيو اُهو سڀ ڪوڙ آهي، مان ساڻس ڪڏهن به ناهيان مليو جڏهن ته اُهو پهريون موقعي آهي جڏهن ڪنهن سزا ماڻيندڙ قيدي جي ويڊيو جاري ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اُهو سڀ هڪ منصوبي تحت ٿي رهيو آهي اهڙو بيان ايم ڪيو ايم خلاف سازشي منصوبي جو حصو آهي ۽ اُن کي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪرڻ جي سازش آهي. ايم ڪيو ايم جي سربراهه جو چوڻ هو ته مان ڪڏهن به ڪنهن قسم جي ٽرائيل کان نٿو گهٻرايا جڏهن ته پاڪستان اچڻ جو فيصلو قانوني ۽ آئيني ماهر ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *