صولت مرزا جا سنگين الزام ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ڦاهي 72 ڪلاڪن لاءِ ملتوي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صولت مرزا جي سنگين الزامن ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشافن کانپوءِ گهرو وزارت جي درخواست تي سندس ڦاهي تي عمل 72 ڪلاڪن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي. مچ جيل ۾ ڦاهي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ صولت /مرزا جي ڇرڪائيندڙ انڪشافن تي ٻڌل وڊيو بيان جاري ٿيڻ کانپوءِ گهرو وزارت سندس ڦاهي روڪرائڻ لاءِ صدر کي سمري موڪلي. صدر پاران فوري طور تي سمري تي صحيح ڪرڻ کانپوءِ صولت مرزا جي ڦاهي تي عمل 72 ڪلاڪن لاءِ ملتوي ڪيو ويو. صولت مرزا جي ڦاهي تي عمل ملتوي ڪرڻ جو حڪم نامو رات ئي مچ جيل انتظاميه کي ملي ويو. جيل انتظاميه جو چوڻ آهي ته 3 ڏينهن جي مهلت ختم ٿيڻ بعد آچر ۽ يوم پاڪستان جي موڪل آهي، ان ڪري صولت کي 24 مارچ تائين ڦاهي نٿي ڏئي سگهجي….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *