صوبي ۾ بجلي بحران تي ضابطي لاءِ قدم کنيا وڃن : سنڌ سرڪار جون ڊپٽِي ڪمشنرن کي هدايتون

ڪراچي (ار)ڊپٽي ڪمشنر آفيس خيرپور پاران هڪ نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير صوبائي توانائي ڪابينه ڪاميٽي جي فيصلن کي ساراهيندي ان تي عمل درآمد لاءِ توثيق ڪئي آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت هڪ نوٽيفيڪيشن جاري ڪندي سنڌ صوبي جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايت ڏني  آهي ته صوبي ۾ بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري قدم کڻن ۽ صوبائي توانائي ڪابينه ڪاميٽي جي فيصلن تي عمل ڪرائڻ لاءِ سمورا اپاء وٺن ۽ سمورن ضلعن ۾ انتظاميه مارڪيٽ ، بازار، شاپنگ سينٽرز، دڪانون ۽ ٻيا ڪاروباري ۽ تجارتي مرڪزن کي رات 9 وڳيبند ڪرائڻ سان گڏو گڏ شادي هال ۽ ريسٽورينٽس کي رات جو 11 وڳي بند ڪرائن لاءِ هوٽل جي مالڪن ، بازارن ۽ مارڪيٽن جي يونين ،اسٽيڪ هولڊرز ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن کي فوري آگاهي ڏين ان کان علاوه لوڪل گورنمنٽ ، ميونسپل ڪارپوريشن ،ٽائون ڪاميٽي ۽ ڪنٽونمنٽ بورڊ جي حدن ۾ موجود اسٽريٽ لائٽس کي فوري طور تي درست ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به روڊ رستي، چوڪ ۽ ڳٽين ۾ اسٽريٽ لائٽ لڙڪيل نظر نه اچي نوٽيفيڪيشن ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلعن ۾ اسٽريٽ لائٽس ۽ بل بورڊ کي شمسي توانائي واري نظام تحت هلائڻ لاءِ  منصوبه بندي ڪئي وڃي ته جئين هن بحران تي ظابطو آڻي سڳجهي نوٽيفيڪيشن ۾ سنڌ حڪومت جي توانائي کاتي کي پڻ هدايت ڏني وئي آهي ته پنهنجي اليڪٽريڪل انسپڪٽرن سان ڪارخانن ۽ انڊسٽريز ۾ خرچ ٿيندڙ بجلي جي پڻ آڊٽ ڪرائي وڃي ان کان علاوه عام ماڻهن ۾ جاڳرتا مهم هلائي وڃي ، پمفلٽ، بينرز ۽ ٻين  ذريعن سان بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.اي پي پي/ ن – ش 13:49

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *