صوبا ٺهيا ته چئني صوبن ۾ ٺهندا نه ته ڪٿي به نه ٺهندا: الطاف حسين

لنڊن (م.ڊ) ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين چيو آهي ته جيڪڏهن صوبا ٺهيا ته چئني صوبن ۾ ٺهندا نه ته ڪٿي ۾ نه ٺهندا، عمران خان کي سياست ۾ سڀ کان پهريان خوش آمديد ڪيو، عمران خان ڪراچي ۾ متحده جو مهمان هوندو ،اسان جائز مطالبن کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين. الطاف حسين چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي بچائڻو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻا پوندا جيڪڏهن سنڌ هڪ آهي ته 40 ۽ 60 سيڪڙو ڪوٽا ڇو مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن اهڙي قسم جي ورهاست ڪئي ويندي ته سنڌ ۾ نئين صوبي جي قيام جو آواز اٿندو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ وچين طبقي جي نوجوانن کي آڻي انقلاب آندو ان ڳالهه جي خوشي ٿي رهي آهي ته عمران خان ۽ طاهرالقادري به وچين طبقي جي ماڻهن کي اڳتي آڻي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *