صوبائي ايڪريڊيشن ڪميٽي جو ساليانو اجلاس، سرڪاري نوڪري ڪندڙ کي ڪارڊ نه ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) صوبائي ايڪريڊيشن ڪميٽي جو ساليانو اجلاس سيڪريٽري جي نمائندگي ڪندي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽر زينت جهان جي صدارت هيٺ ان جي آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ مختلف ادارن سان تعلق رکندڙ سينيئرصحافين صحافي تنظيمن جي نمائندن ۽ اطلاعات کاتي جي ريجنل ڊائريڪٽرن شرڪت ڪئي. شريڪ ٿيندڙن ۾ ڪراچي يونين آف جرنلسٽ (دستوري) جي جنرل سيڪريٽري عارف خان، ڪي يو جي، جي جنرل سيڪريٽري عاجز جمالي، پاڪستان پريس فوٽو گرافر ايسوسي ايشن جي جنرل سيڪريٽري آصف جئي جا، سينيئر صحافي رفعت سعيد، ايوب شيخ، سالڪ مجيد، طاهر حسن خان ۽ اسلم خان سميت امتياز خان فاران به شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ گذريل سال 2019 ۾ جاري ڪيل ايڪريڊيشن ڪارڊ جي باري ۾ تفصيلون پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هر ٽن مهينن کانپوءِ لاڳاپيل ڪميٽي جو اجلاس منعقد ڪيو ويندو جڏهن ته سرڪاري نوڪري ڪندڙ ڪنهن به فرد يا صحافي کي اهو ڪارڊ جاري نه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته اطلاعات کاتو سمورن اخبارن ۽ چينلن کي هڪ ليٽر موڪليندو جنهن ۾ انهن جي اداري ۾ ڪم ڪندڙ صحافين، ڪيمرامين ۽ فوٽو گرافرن جا نالا گهريا ويندا ته جيئن جلد کان جلد صحافين کي ايڪريڊيشن ڪارڊ جاري ڪيا وڃن اجلاس ۾ صوبائي ايڪريڊيشن ڪميٽي جي ميمبرن ڊويزنل ڊائريڪٽر حيدرآباد زاهد مصطفي ميمڻ، لاڙڪاڻو محمد عظيم شاهه، ميرپورخاص سوائي خان ڇلگري، ۽ شهيد بينظيرآباد شفيق حسين ميمڻ پڻ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *