صوابي ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، 2 عورتن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، 2 زخمي

صوابي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر پختونخواه جي علائقي صوابي ۾ گهريلو تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻـِن عورتن سميت چئن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا. ڪادرا واري علائقي ۾ هٿياربندن هڪ گهر تي حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت چار ڄڻا مارجي ويا. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي وئي. پوليس موجب واقعو  گهريلو تڪرار تان پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *