صنم سعيد جو سوشل ميڊيا تي جذبن جو اظهار

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا صنم سعيد پنهنجي مرحوم ماءُ جي ٻين ورسي تي پهريون ڀيرو سوشل ميڊيا تي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو آهي./ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 39

اداڪارا انسٽاگرام تي پنهنجي ماءَ جون ڪجهه تصويرون مداحن سان شيئر ڪندي ٻڌايو ته سندس جي ماءُ جي لاڏاڻي کان 2 سالن بعد پهريون ڀيرو ان بابت ڪا پوسٽ ڪري رهي آهيان.صنم سعيد لکيو ته موت زندگي جو حصو آهي جيڪو لازمي اچڻو آهي جنهن لاءِ آئون پنهنجو پاڻ کي سدائين تيار رکندي آهيان ته جلد يا دير جڏهن به وقت آيو آئون پنهنجن چاهيندڙن کي وڃائڻ لاءِ تيار هيس، حيران ڪندڙ طور تي ان همٿ تڏهن مدد ڪئي جڏهن وقت دير سان اچڻ بدران جلد اچي ويو.هن لکيو ته چوندا آهن ته موت لاءِ توهان ڪڏهن به تيار ناهيو هوندا جيڪو سچ آهي پر مونکي خوشي آهي ته آئون پنهنجي ماءُ جي آخري ٻن سالن ۾ سندس سان گڏ رهيس پنهنجو سمورو وقت هن کي ڏنو ۽ هن کي الوداع چوڻ جو موقعو مليو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *