صنم تيري قسم مون لاءِ هڪ نعمت آهي: ماورا حسين

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ پهرين فلم ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني اداڪارا ماورا حسين چيو آهي ته فلم صنم تيري قسم مون لاءِ هڪ نعمت آهي، بالي ووڊ هنگاما ڊاٽ ڪام مطابق ماورا حسين هڪ انٽرويو ۾ چيو ته فلم جي هدايتڪار راڌيڪا رائو ۽ وني سپرو پاڪستاني ڊرامن ۾ منهنجي اداڪاري ڏسي چڪا آهن،جنهن ڪري فلم صنم تيري قسم لاءِ منهنجو ڪو آڊيشن نه ورتو ويو، هن چيو ته هوءَ گذريل ڪجهه سالن کان اهڙي ڪهاڻي جي ڳولا ڪري رهي هئي، جنهن مان مونکي اهو لڳي ته ان سان مون کي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو موقعو ملندو، ماورا چيو ته جڏهن راڌيڪا ۽ وني فلم صنم تيري قسم جي ڪهاڻي مونکي ٻڌائي ته مونکي احساس ٿيو ته ان ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ منهنجي لاءِ گهڻو ڪجهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *