صنعا ۾سعودي اتحادين جي فيڪٽري تي بمباري، 37 مزدور مارجي ويا

رياض/صنعا(م.ڊ) يمن جي گادي واري شهر صنعا ۾ فيڪٽري تي ٿيل بمباري ۾ مارجي ويلن جو انگ 37 ٿي ويو، مارجي ويلن ۾ پاڪستاني شهري به شامل هئڻ جا اطلاع آهن، صنعا ۾ ڦاٿل 178 پاڪستانين جي رجسٽريشن مڪمل، کين چين جي سامونڊي جهاز ذريعي جبوتي پهچايو ويندو… يمن ۾ شديد ويڙهه جاري آهي، صنعا ۾ فيڪٽري تي ٿيل بمباري ۾ مارجي ويلن جو انگ 37 ٿي ويو آهي، مارجي ويلن ۾ پاڪستاني به شامل هئڻ جا اطلاع مليا آهن، اطلاع آهن ته مارجي ويلن ۾ اڪثريت مزدورن جي آهي. بمباري سبب هر طرف تباهي ۽ بربادي آهي پرڏيهي خابرو اداري مطابق يمن جي سرحد تي سعودي سيڪيورٽي فورسز ۽ حوثي باغين وچ ۾ سخت جهڙپون جاري آهن علائقو زوردارڌماڪن ۽ سخت فائرنگ جي آوازن سان گونجي رهيو آحي عدن ۾ باغين ۽ سرڪاري فوج وچ ۾ جهڙپن ۾ 36 ڄڻن جي مارجڻ جا اطلاع آهن ڌالي شهر ۾ به رتوڇاڻ ۾ 30 باغي مارجي ويا، يمن صوبي شبوه ۽ معارب جي سرحد تي باغين ۽ مقامي قبيلي ۾ ويڙهه جاري آهي ميڊيا رپورٽن مطابق تازين جهڙپن ۾ 15 باغي مارجي ويا گادي واري شهر صنعا ۾ به سعودي جهاز باغين جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي رهيا آهن يمني پرڏيهي وزير چيو آهي ته يمني شهرين ۽ انفراسٽرڪچر کي بچائڻ لاءِ جيترو جلدي ممڪن ٿئي يمن ۾ زميني ڪارروائي به شروع ڪئي وڃي  جڏهن ته سعودي جي گادي واري شهر رياض ۾ ميڊيا بريفنگ دوران برگيڊيئر جنرل احمد عصيري  ٻڌايو ته زميني رستي کان يمن ۾ مداخلت جي في الحال ضرورت ناهي عدن ۾ بمباري جو مقصد باغين کي ڏاکڻين شهرن طرف اڳڀرائي کان روڪڻ آهي، هن وڌيڪ چيو هت يمن کي فراهم ڪيل هر قسم جي مدد کي ڀليڪار چئون ٿا  جڏهن ته اهو سفارتي ذريعن سان ئي ممڪن ٿيڻ گهرجي، جنرل عصيري ٻڌايو ته باغين هن وقت ڳوٺاڻن علائقن ۾ پناهه وٺي رکي آهي جڏهن ته انهن علائقن تي بمباري جو ارادو ناهي ان جي نتيجي ۾ بيگناهه شهرين جي مارجڻ جو خدشو آهي باغين خلاف سعودي عرب ۽ ان جا اتحادي فوج جو آپريشن ستين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو سعودي عرب ۽ يمن جي سرحد سان لاڳاپيل علائقن ۾ سخت جهڙپون جاري آهن يمني پرڏيهي وزير سعودي عرب کان زميني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *