صفورا سانحي جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلائڻ لاءِ واقعي ۾ ملوث 8 ڏوهاري فوج حوالي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صورا سانحي جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلائڻ لاءِ واقعي ۾ ملوث 8 ڏوهارين کي فوجي اختيارين جي حوالي ڪيو ويو آهي،جڏهن ته انهن جا ڪيس به ملٽري ڪوٽ ۾ موڪليا ويا آهن.ذريعن مطابق سنڌ حڪومت پاران صفورا سانحي جو ڪيس فوجي عدالت موڪلڻ جي فيصلي کانپوءِ واقعي ۾ ملوث 8 ڏوهارين کي فوج حوالي ڪيو ويو آهي،جنهن کانپوءِ کين سينٽرل جيل ڪراچي کان ملير ڪينٽ آندو ويو آهي.ذريعن مطابق ڏوهري سعد عزيز،عابد حسين،قمر سلطان، اظهر عشرت،عبدالرحمان،حسين عمر،سلطان قمر ۽ نعيم ساجد کي فوج جي حوالي ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *