صفوران واقعو: 3 ڄڻن کي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو ويو: پوسٽ مارٽم رپورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي صفوره چورنگي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري  ڪئي وئي آهي، جنهن موجب 18 ڄڻن کي ويجهي کان گوليون هنيون ويون، جڏهن ته ٽن ڄڻن کي تيز ڌار اوزار سان جهير به ڏنا ويا. سول سرجن موجب، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻ ملي آهي ته  صفوران سانحي ۾ دهشتگردن تيز ڌار اوزارن جو به استعمال ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 44 ڄڻن مان 18 ڄڻن کي منهن يا مٿي ۾ ويجهي کان گوليون هنيون ويون. پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب، 25 ڄڻن کي هڪ کان وڌيڪ گوليون هنيون ويون. سول سرجن موجب، ٽن ڄڻن کي مٿي ۽ ڪنڌ ۾ تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو ويو آهي. پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب، مارجي ويلن جي عمر 20 کان 70 سالن تائين آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *