صفوران واقعو: داعش ملوث ٿي سگهي ٿي: جاچ عملدار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صفوران ڳوٺ ۾ اسماعيلي برادري جي بس تي ٿيل حملي جي جاچ ڪندڙ پوليس آفيسرن چيو ته واقعي ۾ امڪاني طور تي داعش ناهي تنظيم ملوث ٿي سگهي ٿي ميڊيا رپورٽ مطابق واقعي جي جاچ ٽيم جي سربراهه ۽ دهستگردي ٽوڙ ڊپارٽمينٽ جي عهديدار راجا عمرخطاب چيو ته صفورا سانحي جي پويان امڪاني طور تي داعش جو هٿ ٿي سگهي ٿو هن ڪراچي ۾ داعش جي ڪارڪنن کي تعليم يافته قرار ڏيندي چيو ته شهر ۾ ڪارروائين ۾ ملوث داعش جا ويڙهاڪ ٻاهران نه آيا آهن هو مقامي تنظيمن مان آهن ۽ داعش مان متاثر آهن سي ٽي ڊي جي عهديدار چيو ته شهر ۾ ٿيندڙ تازي دهشٽگردي جي ڪارروائين جي جاچ ۾ پوليس کي معلوم ٿيو آهي ته هنن واقعن پويان داعش جو هٿ آهي جڏهن ته پوليس ان حوالي سان ڪوئي اهم ثبوت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام آهي پرامن ڪميٽي کي نشانو بنائڻ جو ڇا سبب ٿي سگهي ٿو ان سوال تي ته راجا عمرخطاب چيو ته واقعو فرقيواريت جو سبب ٿي سگهي ٿو جڏهن ته شهر ۾ خوف ۽ هراس ڦهلائڻ ۽ هڪ خاص ڪمينٽي کي نشانو بنائڻ به هن حملي جي سببن جو حصو ٿي سگهي ٿو. صفورا سانحي جي جاچ ڪندڙ هڪ ٻئي پوليس آفيسر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته اکين ڏٺل شاهدن جاچ آفيسرن کي ٻڌايو ته حملي آور چئن موٽرسائيڪلن تي هئا ۽ انهن مان هڪ پوليس جي وردي ۾ جڏهن ته ٻين کي شلوار قميص ۽ پينٽ شرٽ پهريل هئي بس تي حملي کان پوءِ اهي سمورا سپرهاءِ وي طرف فرار ٿي ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *