صفوران سانحي جي جوابدارن جي گرفتاري سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي جو چٽو ثبوت آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ  چيو آهي ته دهشتگردي جا واقعا پنجاب سميت هر جاءِ تي ٿيا، پر دهشتگردن جو پتو لڳائڻ جي حوالي سان سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي بهترين آهي. پوليس وارا ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار ٿين ٿا. انهن تي تنقيد سان پوليس جي شهيدن جي توهين ٿئي ٿي. ريمارڪس ڏيندي ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته ڪنهن جا جذبات مجروح نه ٿين. ٻين صوبن سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته سنڌ پوليس ٻين صوبن کان بهترين پوليس آهي ۽ هُن بهترين نتيجا ڏنا آهن. اسان سياسي انتقام جي روايت کي ختم ڪيو. ان جو ڪريڊٽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي مفاهمت جي پاليسي کي وڃي ٿو. سانحو صفوران چورنگي کان پوءِ ايوان سان گڏوگڏ ميڊيا جي ڪجهه اينڪرز طرفان پوليس تي زبردست تنقيد ڪئي وئي هئي. سياسي ڀرتين، سياسي مداخلت سميت ڪافي ڳالهيون ڪيون ويون. اسان جو موقف اهو هو ته وزيراعليٰ سنڌ پوليس کي فري هينڊ ڏنو آهي. ڪنهن قسم جي ان کي غلط ڊڪٽيشن نٿي ڏني وڃي ۽ اڄ اسان جي اها ڳالهه درست ثابت ٿي چڪي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي سنڌ اسيمبلي ۾ سانحي صفوران چورنگي جي جوابدارن جي گرفتاري تي وزيراعليٰ سنڌ، سنڌ پوليس ۽ امن امان جي بحالي جي ادارن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل قرارداد تي ڳالهائيندي ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن ئي اسيمبلي ۾ صفوران چورنگي سانحي تي ڏک جي اظهار لاءِ قرارداد منظور ڪئي وئي هئي. ايوان سان گڏوگڏ ميڊيا جي ڪجهه اينڪرز طرفان پوليس تي زبردست تنقيد ڪئي وئي هئي. سياسي ڀرتين، سياسي مداخلت سميت ڪافي ڳالهيون ڪيون ويون. اسان جو موقف اهو هو ته وزيراعليٰ سنڌ پوليس کي فري هينڊ ڏنو آهي. ڪنهن قسم جي ان کي غلط ڊڪٽيشن نه ٿي ڏني وڃي. وزيراعليٰ پوري سنڌ ۾ سٺي ساک رکندڙ آفيسرن کي مقرر ڪيو آهي ۽ انهن کي مڪمل اختيار ڏنا ويا آهن. هن چيو ته ٻين صوبن سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته سنڌ پوليس ٻين صوبن کان بهترين پوليس آهي ۽ ان بهترين نتيجا ڏنا آهن. دهشتگردي جا واقعا پنجاب سميت هر هنڌ ٿيا، پر دهشتگردن جو پتو لڳائڻ جي حوالي سان سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي بهترين آهي. شڪارپور کان صفوران ڳوٺ جي سانحي تائين ڪيترن واقعن ۾ ملوث ماڻهن ۽ گروپن جو پتو لڳايو ويو آهي ۽ کين گرفتار به ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سانحو صفوران ڳوٺ جي جوابدارن کان اهو اسلحو هٿ آيو آهي جنهن سان بي گناهه اسماعيلين کي شهيد ڪيو ويو هو. اهڙا ثبوت موجود آهن جن مان انهن دهشتگردن کي سزا ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ڪنهن اداري خلاف هروڀرو ريمارڪس ۽ بيان نه ڏنا وڃن. پوليس وارا ٽارگيٽ ڪلنگ جا شڪار ٿين ٿا. انهن تي تنقيد سان پوليس جي شهيدن جي توهين ٿئي ٿي. ريمارڪس ڏيندي ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته ڪنهن جا جذبات مجروح نه ٿين. هن چيو ته سنڌ ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جون وارداتون ناهن. اهو زمانو به ياد ڪيو وڃي، جڏهن سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ هو. اڄ امن امان جي بهتري جو ڪريڊٽ وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو ٽارگيٽ آپريشن جو ڪپتان آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي خلاف پوليس کي استعمال ڪيو ويندو هو. اسان سياسي انتقام جي روايت ختم ڪئي. ان جو ڪريڊٽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي مفاهمت جي پاليسي کي وڃي ٿو. هن چيو ته دهشتگردن جي گرفتاري تي آئون وزيراعليٰ سنڌ، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته اڳتي دهشتگردي جا واقعا نه ٿين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *