صفوران سانحو: سنڌ اسيمبلي ۾ پوليس کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ صفوران سانحي جي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ تي پوليس کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو گڏيل ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، جڏهن ته ايوان سنڌ سروسز ٽربيونل بل 2015ع ۾ چوٿين ترميم به پاس ڪري ڇڏي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو. صفوران سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ تي سنڌ پوليس کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو گڏيل ٺهراءُ پ پ جي نصرت سلطانا پيش ڪيو. اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار الحسن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۽ پنجاب يونيورسٽي ۾ مائيڊ سيٽ موجود آهن. هن چيو ته جنرل ضياءَ الحق جي باقيات اڄ به موجود آهي، اڳوڻي آمر جي باقيات سندس علائقي ۾ به آهي. خواجا اظهار الحسن چيو ته قربانيون پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي ڏنيون آهن. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته حڪومت ۽ سنڌ پوليس تي الزام لڳايا ويا. هن چيو ته وڏي وزير طرفان کين غلط هدايتون ناهن ڏنيون وينديون، بيڊ گورننس جا طعنا ڏيندڙن کي چيلينج آهي، سنڌ پوليس ملڪ جي سٺي پوليس آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ پوليس شڪارپور سانحي توڙي ٻين هاءِ پروفائل ڪيسز جي نشاندهي ڪئي ۽ صفوران سانحي ۾ استعمال ٿيل هٿيار به پڪڙيا، هاڻي عدالتن وٽ ڪا گنجائش ناهي ته اهي دهشتگردن کي سزا نه ڏين. صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري سنڌ سروسز ٽربيونل بل 2015ع ۾ چوٿين ترميم پيش ڪئي جيڪا ايوان منظور ڪري ورتي. ان کان اڳ سوالن جوابن جي وقفي دوران فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي ۽ صوبائي وزير نثار کهڙي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. نصرت سحر عباسي چيو ته ملڪ اندر عورتن جو حشر ٿي رهيو آهي، سڄي دنيا ڏسي پئي. ان موقعي تي نثار کهڙي سيٽ تان اٿي نصرت سحر عباسي تي اعتراض ڪيو جنهن تي ٻنهي ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم تي بحث دوران متحده ميمبر ارم عظيم فاروقي چيو ته ڪوٽا سسٽم نه هئڻ گهرجي، ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وڃن. ارم عظيم فاروقي چيو ته رڳو سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم آهي باقي ملڪ جي ٻين حصن ۾ ناهي، ڪوٽا سسٽم تي سوال نه ٿي رهيا آهن. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ارم عظيم فاروقي به عورتن جي ڪوٽا تحت ايوان ۾ ويٺل آهي. ان موقعي تي اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار الحسن چيو ته ايوان ۾ صوبي مان ڪوٽا سسٽم ختم ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ آندو وڃي. محمد حسين چيو ته جيڪڏهن قانون سڀني لاءِ برابر آهي ته خيبر پختون خواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪوٽا سسٽم ڇو ناهي؟ رڳو سنڌ ڪوٽا سسٽم تي عمل ڇو ڪري رهي آهي. متحده جي خالد احمد، ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر طرفان 105 ماڻهن جي عارضي ڀرتين خلاف التوا واري رٿ پيش ڪئي. صوبائي وزير سڪندر مينڌري چيو ته التوا وارِي رٿ رڳو اخبار جي خبر تي پيش ڪئي وئي، جيڪو آئوٽ آف آرڊر آهي. اجلاس دوران صوبائي وزير سڪندر مينڌري جي وضاحت دوران پي ٽي آءِ ميمبر حفيظ الدين پيرزادو بيهي رهيو، جنهن کي اسپيڪر ڳالهائڻ کان روڪي ورتو. مختلف معاملن تي بحث کانپوءِ اسپيڪر اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *