صفوران بس واقعي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو، پوليس کي غير سياسي ڪرڻ تائين ڪراچي جا مسئلا حل نه ٿيندا: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان اڄ ڪراچي ۾ صفوران چوڪ سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن سان تعزيت ڪندو، عمران خان چيو آهي ته بس سانحي سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي، رينجرز ڪراچي مسئلي جو حل ناهي، پوليس کي غير سياسي ڪرڻ تائين ڪراچي جا مسئلا حل نه ٿيندا. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته عام چونڊن ۾ ڪيل ڌانڌلي جو طريقه ڪار پڪڙيو آهي ته وڏي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي آهي، جلد ن ليگ جوناهم وڪيٽون ڪرڻ واريون آهن. هن چيو ته ڪراچي بس سانحي سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي، پشاور آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کانپوءِ ڪراچي واقعو وڏو سانحو آهي جنهن تي افسوس آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ رينجرز مسئلي جو حل ناهي، رينجرز ايئن آهي جيئن ڊسپرين جي گوري سان ڪينسر جو علاج ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ پوليس کي غير سياسي ڪرڻ تائين مسئلا حل نه ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *