صدر ۽ وزير اعظم پاران ڪراچي آپريشن جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم ميان نواز شريف صدر ممنون حسين سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ ڪراچي اندر دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ٿيو ته، ڪرپشن خلاف ڪارروائي سان ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ذريعن موجب صدر ممنون حسين سان ايوان صدر ۾ وزيراعظم ميان نواز شريفف ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ آپريشن ضرب عضب، ڪرپشن خلاف ڪارروائي سميت ڪراچي ۾  جاري آپريشن  تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران صدر ۽ وزيراعظم نواز شريف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف تنقيد جي مـذمت ڪئي، صدر ۽ وزيراعظم چيو ته، آپريشن ضرب عضب جا سٺا نتيجا اچي رهيا آهن. ملاقا ت ۾ ماتحت عدالتن ۾ لا آفيسرن جي مقرري جي منظوري ڏني وئي، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ڪرپشن ڪارروائي سان ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪرڻ  ۾مدد ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *