صدر ۽ وزيراعظم پاران لاهور بم ڌماڪن جي مذمت، واقعي جي رپورٽ طلب

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين آچر ڏينهن لاهور جي علائقي يوحنا آباد ۾ ٿيندڙ ٻن بم ڌماڪن جي سخت مذمت ڪئي ۽ معصوم جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ صدر چيو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ اهڙي قسم جي بزدلاڻين ڪاررواين سان ان لعنت جي خاتمي جي لاءِ قوم جي پڪي عزم کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. صدر چيو ته حڪومت ۽ قوم دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب نه آهي ۽ يوحنا آباد جي واقعي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي. صدر حادثي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم محمد نواز شريف آچر ڏينهن لاهور ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪن جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن سبب قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ سان گڏوگڏ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن سانحي جي جاچ رپورٽ به طلب ڪري ورتي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. هن صوبائي حڪومتن کي سيڪيورٽي قدمن کي وڌيڪ سخت ڪرڻ ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن قدمن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت به ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *