صدر ۽ وزيراعظم آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، اعليٰ عدليه سول مارشل لا کي روڪي: اپوزيشن

اسلام آباد (اين اين آءِ) گڏيل اپوزيشن اسيمبلي بحال ڪرڻ ۽ چونڊ سڌارن کان پوءِ نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته عمران نيازي غير آئيني سول مارشل لا نافذ ڪيو اسيمبلي کي بحال ڪيو وڇي سپريم ڪورٽ معاملي تي فل ڪورٽ بئنچ بڻائي جيڪڏهن اسان قومي اسيمبلي ۾ آئين نافذ نٿا ڪري سگهون ته ملڪ ۾ به نٿا ڪري سگهون اسان سڀ جمهوريت پسند ماڻهو آهيون پاڪستان جي آئين جو دفاع ڪرڻ هر شهري جي ذميواري آهي ڌمڪي کان پوءِ آمريڪي عهديدار جو شڪريو سمجهه کان ٻاهر آهي اسان جي دٻاءُ ۾ اچي حڪومت آپگهات ڪري ڇڏيو جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو اهي ته اعليٰ عدليه ضياء ۽ مشرف جو مارشل لا نه روڪي سگهي عدليه مان اميد ۽ درخواست آهي ته عمران خان جي مارشل لا کي روڪين عدالت کي چئون ٿا ته اوهان جي فيصلي سان ملڪ جي قسمت لکي ويندي اسان کي سولي تي چاڙهي ڇڏيو پر جمهوريت جو سلسلو هلڻ ڏيو اهڙن خيالن جو اظهار شهبازشريف، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا اسد رحمان، اختر مينگل، امير حيدرخان هوتي، مقبول صديقي، محسن داوڙ، سينيٽر عبدالغفور حيدري ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو شهبازشريف چيو ته 3 اپريل جو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو جڏهن عمران نيازي سولين مارشل لا نافذ ڪيو هن چيو ته 3 نومبر تي جنرل رتائرڊ مشرف به ساڳيو آمراڻو قدم کنيو هو عمران خان ۽ ان جي ساٿارين آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، آئين ٽوڙيو آهي ڇو ته 24 مارچ تي اسپيڪر ايوان جي مرضي مطابق عدم اعتماد جي ٺهراءُ کي ملتوي ڪيو جيڪڏهن ڪوئي اعتراض هو ته 24 مارچ تي عدم اعتماد جي رٿ کي ليو گرانٽ ڇو ڪئي هن چيو ته اسيمبلي جو پورو هڪ نظام آهي ان جي هڪ قانوني برانچ ٿيندي آهي اسپيڪر سمورا مرحلا طئي ڪري ضابطن مطابق ڪنهن ايجنڊا آئيٽم کي ايوان ۾ پيش ڪرائي ٿو ٻي صورت ۾ ان کي پنهنجي آفيس ۾ ئي رد ڪري ڇڏي ٿو هن چيو ته جيڪڏهن ڪائي شئي آرٽيڪل 5 جي زمري ۾ اچي رهي هئي ته اسپيڪر انهيءَ ٺهراءَ کي ايوان جي منشا ۽ اجازت کان پوءِ ليو ڇو گرانٽ ڪئي تنهنڪري ان کان پوءِ ڪنهن قسم جي ڦيرڦار ممڪن نه هئي ۽ رٿ کي هر صورت گذريل ڏينهن ووٽنگ لا3 پيش ڪرڻو هو هن چيو ته گذريل ڏينهن عمران خان نيازي ڊپٽي اسپيڪر کي پنهنجو هٿيار بڻايو ۽ جڏهن ايوان ۾ ويٺو ته قرآن پاڪ جي تلاوت کان پوءِ هڪ وزير کي فلور ڏنو جنهن الائي ڇا چيو ۽ ان تي اسپيڪر هڪ لکيل ڪاغذ پڙهيو ۽ آرٽيڪل 5 جو بهانو بڻائي ان ٺهراءُ کي ووٽنگ تان هٽائي ڇڏيو شهبازشريف چيو ته جيڪڏهن ڪو اعتراض هو يا آمريڪا مان ڪائي ڪيبل آئي هئي ته 8 مارچ تي جڏهن انکي ايوان ۾ جمع ڪرايو ويو هو ان وقت کان وٺي 24 مارچ تائين جڏهن ان ٺهراءُ لي ليو گرانٽ ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو ويو ته حڪومت 24 مارچ تي ڇو اعتراض نه اٿاريو هن چيو ته هي عمران نيازي ۽ ان جا ساٿاري ان شڪست کي منهن نه پئي ڏئي سگهيا. ان لاءِ انهن جمهوريت کي چٿيو آئين ٽوڙيو. جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ چيو ته ڪوئي آئين مٿانهون قدم نه کنيو وڃي پر آئين مٿان قدم پاڻ ڪالهه عمران نيازي ۽ پاڪستان جو صدر کڻي چڪا هئا شهبازشريف چيو ته ان جي اٽارني جنرل چيو هو ته ووٽرز کي امن سان وڃڻ جي اجازت هوندي ۽ رٿ تي هر صورت ووٽنگ ٿيندي هن چيو ته جنهن خط بابت چيو پيو وڃي ان بابت ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو دستياويز بلڪل مستند آهن ان ۾ ڪوئي جهول نه آهي هن چيو ته پاڪستاني سفير اسد مجيد خان جي هڪ ٽوئٽ ۾ ٻڌايو ويو ته هن 16 مارچ تي هڪ الوداعي رات جي ماني جو بندوبست ڪيو ۽ آمريڪي مددگار پرڏيهي وزير ڊونلڊ لو جو شڪريو ادا ڪيو ويو جڏهن ته اهو خط جيڪو پرڏيهي آفيس کي مليو اهو 7 مارچ جو هو هن چيو ته 7 مارچ تي خط ۾ چيو ويو ته ڊونلڊ لو سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه سامهون آئي ته آمريڪا پاڪستان ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آيه جڏهن ته 16 مارچ تي سفير ان جي دعوت ڏئي هن چيو ته سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته 16 مارچ جي ٽوئٽ ۾ اسان جو سفير شڪريو ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته خط 7 مارچ جو آهي يا هي ڳالهه غلط آهي جيڪا سفير پنهنجي ٽوئٽ ۾ ڪئي ۽ جيڪڏهن فرض ڪريون 7 مارچ تي ڪائي ملاقات ٿي ۽ ان ڪائي اهڙي ڳالهه ڪئي هئي ته دعوت ۽ شڪريو ڪهڙي ڳالهه جو هو شهبازشريف چيو ته جيڪڏهن ڌمڪي ڏني وئي هئي ته دعوت ڏيڻ تضاد واريون ڳالهيون آهن ان کي گهٽ نٿو وٺي سگهجي هن چيو ته جن 197 ماڻهن پاڻمرادو اجلاس ۾ بي اعتمادي رٿ تي ووٽ ڏنو آهي ته اسپيڪر جي ڀاشن مطابق ته اسان غدار ٿي وياسين هي قوم آئين ۽ پارليمان سان سنگين جٺ ڪئي وئي آهي هن چيو ته عمران نيازي سازشي سوچ تحت آئين ٽوڙيو صدر آئين ٽوڙيو ان کي اسيمبليون ٽوڙڻ جو حق نه هو اسپيڪر جي رولنگ غير آئيني هئي. هن چيو ته هي معاملا سنگين آهن اسان هن ڳالهه کي مٿي کڻنداسين سڄي پاڪستان ۾ احتجاج ڪنداسين غداري جي ڳالهه انهن ڪئي آهي اسان ڪڏهن به غداري جي ڳالهه ناهي ڪئي ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران ۽ ان جي حڪوتم اسان جي سياسي بندوق جي نوڪ تي هئي جنهن کي فائر ڪري اسان کي ان جو خاتمو ڪرڻو آهي پر اسان سڀني جي دٻاءُ جي ڪري پارليامينٽ کان ٻاهر جدوجهد ۽ اسان سڀني گڏجي جيڪو ٽن مهينن لاءِ هن حڪومت جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو بي اعتمادي رٿ جي ڪري ته حڪومت پاڻ بندوق کڻي آپگهات ڪري ڇڏيو هن چيو ته وزيراعظم کي هٽائڻ جو هڪ ئي آئيني ۽ جمهوري طريقو آهي اهو طريقو آهي بي اعتمادي رٿ وزيراعطم پنهنجي انا جي ڪري عدم اعتماد تي آئين ٽوڙي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي هن چيو ته وزيراعطم کي اندازو نه آهي ته ڇا ٿيو آهي اسان سڀ جمهرويت پسند ماڻهو آهيون پاڪستان جي آئين جو دفاع ڪرڻ هر شهري جي ذميواري آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهرويت ۽ آئين جو تحفظ ڪرڻ وارا آهيون گذريل ڏينهن وزيراعطم هڪ آئيني ۽ جمهوري طريقي سان انهيءِ نتيجي تي اچي سگهي پيو اسان جي بي اعتمادي رٿ جمع ٿيڻ کان اڳ هو استيعفا ڏئي ڇڏي ها تڏهن به آئيني طريقو هجي يا يا رٿ تي ووٽنگ ڪرائي حڪومت هلي وڃي ها هن چيو ته گذريل ڏينهن اهو ٿيو جو صدر، وزيراعظم، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ملي ڀڳت ڪري آئين ٽوڙي عمران خان جي انا کي هٿي ڏني آهي هن چيو ته آئيني عدالت پاڪستان جو عوام فيصلو ڪن ته عمران خان جي انا وڌيڪ اهم آهي يا پاڪستان جو آئين قومي اسيمبلي، سپريم ڪورٽ وڌيڪ اهم آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اعليٰ عدليه ضياء ۽ مشرف جو مارش لا نه روڪي سهي عدليه ۾ اميد ۽ درخواست آهي ته عمران خان جي مارشلا کي روڪين اسان جي درخواست آهي عدليه کي چئون ٿا ته اوهان جي فيصلي سان ملڪ جي قسمت لکي ويندي عمران جيڪو هي ڪم ڪيو آهي اوهان جو فيصلو هي فيصلو ٻڌائيندو ته ڇا اسان جو آئين هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو آهي يا وري يا هو اسلامي جمهوري وفاقي نطام کي ڳنڍيندڙ دستاويز آهي هن چيو ته اسان آئين جو دفاع ڪندا رهنداسينجڏهن ته جيڪو ٿيو آهي اعليٰ عدليه کي درخاوست آهي ته هن آئيني بحران کي ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ فل ڪورٽ بئنچ ان جو فيصلو ٻڌائي اسان کي جيڪڏهن ڦاهي تي چڙهڻو آهي ته چاڙهي ڇڏيو پر عدم اعتماد تي ووٽنگ ڪرايو پ پ چيئرمين چيو ته اسان جا ڪجهه ڪارڪن ڪنفيوز آهن ۽ ڪجهه ڪارڪن جشن ملهائي رهيا آهن ته سليڪٽڊ جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو وزيراعظم کي خبر نه آهي ته ان سان ڇا ٿيو آهي اسان سڀني جي دٻاءُ جي ڪري 3 مهينا هن حڪومت جو جيئڻ حرام ٿي ويو هو. هن چيو ته 4 اپريل اهو ڏينهن آهي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو اڄ تائين اسانکي ان تي انصاف ناهي ملي سگهيو اسان جو ريفرنس موجود آهي مولانا اسعد محمود چيو ته 3 اپريل جو ڏينهن پاڪستان جو آئين ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٽوڙيو ويو حڪومتي سطح تي جهڙي طرح وزيراعطم جو اينٽي مغرب بيانيو گردش ڪري رهيو اهي هي بين الاقوامي ٺڳ هاڻي پاڪستان جي عوام کي وڌيڪ دوکو نه ڏيندو هن چيو ته جسٽس ثاقب نثار ان لاءِ تاريخ ۾ ڪارو ڪردار ادا ڪيو ڪجهه ڏينهن اڳ هن بيان ڏنو ته نوازشريف اعليٰ عدليه ۾ جج خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي اعليٰ عدالت کي انهيءَ ڏينهن ان کي ڪٽهڙي ۾ بيهاري بيان بابت پڇڻ گهرجي ها اسان مهانگائي مارچ جي پليٽ فارم تان مطالبو به ڪيو اڄ به هو ادارن تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پهريان به هڪ بين الاقوامي اسٽيبلمينٽ جي دٻاءُ سان اقتدار ۾ آيو پاڪستان ۾ ڪا بين الاقوامي سازش نه ٿيڻ ڏينداسين اسان پاڪستان جي آئين جي سلامتي چاهيون ٿا هي شخص لاڳيتو آئين کي رد ڪري رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *