اسلام آباد(بيورو) صدر ممنون حسين انڪم ٽيڪس ترميمي بل 2016ع تي صحيح ڪري ڇڏي آهي،صدر جي اهڙي منظوري کانپوءِ اهو بل قانوني ايڪٽ بڻجي ويو، جيڪو ترت سڄي ملڪ ۾ لاڳو ٿيندو، ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ واري ان انڪم ٽيڪس ترميمي بل جو فائدو رڳو واپاري برادري کي پهچندو، بل مطابق 5 ڪروڙ رپين تائين ٽرن اوور تي 2016ع ۾ ٻڙيِ ڏهائي 2 سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻي پوندي، اهڙي ريت 5 کان 25 ڪروڙ تائين هڪ لک ۽ ان کان وڌيڪ رقم تي ٻڙي ڏهائي 15 سيڪڙو ٽيڪس ڀرڻي پوندي، جڏهن ته 25 ڪروڙ کان وڌيڪ ٽرن اوور تي 4 لک رپين کانسواءِ واڌو رقم تي ٻڙي ڏهائي هڪ سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻي پوندي، ايڪٽ مطابق 2017ع ۽ 2018ع ۾ گذرندڙ سال کان 25 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻي پوندي.