صدر ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ واري آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي، جوڊيشل ڪميشن 2013 جي عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي بابت جاچ ڪندي.. صدر ممنون حسين ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ واري آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم نواز شريف آرڊيننس بابت صدر کي سفارش ڪئي هئي. ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ بابت ٻه ڏينهن اڳ ۾ اتفاق ٿيو هيو، صدر ڪميشن جوڙڻ وارو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي. جوڊيشل ڪميشن 2013 جي عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي بابت جاچ ڪندي، ڪميشن ضرورت پوڻ تي آءِ بي سميت ٻين ڳجهن ادارن کان مدد وٺي سگهندي. حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ اتفاق ٿيو هيو ته جوڊيشل ڪميشن 45 ڏينهن جي اندر مبينا ڌانڌلين بابت جاچ ڪري رپورٽ ڏيندي، جيڪڏهن عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي ثابت ٿي ته وزيراعظم نواز شريف اسيمبلي ٽوڙي نين چونڊن جو اعلان ڪرڻ جو پابند هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *