صدر پاڪستان جو ترڪ وزير اعظم کي فون، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا عوامي سطح تي مضبوط ٿيندا: ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين پاران ترڪ وزيراعظم پروفيسر احمد دائود اوگلو کي چونڊن ۾ اي ڪي پارٽي جي ڪاميابي تي واڌايون ڏنيون آهن صدر ممنون حسين اڄ اڱاري تي وزيراعظم کي ٽيليفون ڪيو ۽ توقع ظاهر ڪئي ته اي ڪي پارٽي جي ڪاميابي کان پوءِ ترقي ۾ جمهوريت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي ۽ ان جي نتيجي ۾ عوام اڃا وڌيڪ خوشحال ٿيندو صدر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ٻه برادر ملڪ آهن جن جي دوستي گڏيل عقيدي ۽ تاريخي بنيادن تي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ان توقع ظاهر ڪئي ته اي ڪي پارٽي جي حڪومت ۽ وزيراعظم پروفيسر احمت دعوتوگلو جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا عوامي سطح تي مضبوط ٿيندا ترڪ وزيراعظم پاڪستان جي صدر جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ترڪ لاڳاپا دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪندا صدر گذريل ڏينهن ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي به ٽيليفون تي ڪي ڪي پارٽي جي ڪاميابي تي واڌايون ڏنيون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *