صدر ممنون حسين سان چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جي ملاقات

اسلام آباد (بيورو) صدر مملڪت ممنون حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارا وقت جون اهم گهرجون آهن انهن تي سنجيدگي سان ڪم ٿيڻ گهرجي صدر اهڙن خيالن جو اظهار چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار محمد رضا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ اربع تي انهن سان ملاقات ڪئي صدر ممنون حسين چيو ته ان جون دعائون چيف اليڪشن ڪمشنر سان آهن ۽ ان جي دعا آهي ته ان جي دور ۾ ڪجهه اهڙو ڪم ڪيو وڃي جنهن سان قوم هڪ ڊگهي عرصي تائين فائدو وٺندي رهي صدر سنڌ ۽ پنجاب ۾ نيون تڪبنديون بروقت ۽ عوامي خواهشن مطابق ٿيڻ گهرجن چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار محمد رضا صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو پنهنجي بهترين صلاحيتن مطابق پنهنجون ذميواريون نڀائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *