صدر ممنون حسين سان يونان جي سفير جي الوداعي ملاقات

اسلام آباد (م ڊ) صدر ممنون حسين پاڪستان ۽ يونان جي وچ ۾ ڊگهي مدي وارن ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته يونان جا سيڙپڪار مختلف معاشي شعبن خاص طور تي زراعت ۽ توانائي جي ميدان ۾ سيڙپڪاري ڪري پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ يونان جي سفير پيٽراس ماورايڊس سان ڪالهه سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ ڳالهائيندي ڪئي جنهن صدر ممنون حسين سان الوداعي ملاقات ڪئي. صدر ممنون حسين يونان سان ڊگهي مدي وارن اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان يونان سان گڏيل اعتماد ۽ خيرسگالي تي ٻڌل لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد ۾ مختلف شعبن ۾ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن مختلف عالمي فورمن تي هڪٻئي جي حمايت ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. صدر ممنون حسين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل واپار جي موجوده ماپي ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن، 9 ڪروڙ ڊالر جو ٻطرفو واپاري ماپو حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي، هن چيو ته يونان جا سيڙپڪار معشيت جي مختلف شعبن خاص طور تي زراعت ۽ توانائي جي ميدان ۾ سيڙپڪاري ڪري پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. صدر ممنون حسين آڪٽوبر 2007ع کان سفير جي حيثيت سان قيام دوران ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ پيٽراس ماروايڊس جي خدمتن کي ساراهيندي آئنده جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. عهدو ڇڏيندڙ سفير سفارتي مدي دوران معاونت فراهم ڪرڻ تي صدر ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *