صدر ممنون حسين جا سعودي شاهه، ترڪ صدر ۽ وزيراعظم سميت مختلف سربراهن سان ٽيليفون رابطا عيد جون واڌايون ڏنيون

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين منيٰ سانحي ۾ حاجي سڳورن جي شهادت تي سعودي شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر ممنون حسين سمورن مسلم ملڪن تي زور ڀريو آهي ته اها ملمانن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي وڃن. هو ٽيليفون تي مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو صدر کين عيد جون واڌايون به ڏنيون. سعودي شاهه سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ڀائرانه لاڳاپا آهن جيڪي وقت گذرڻ سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن منيٰ واقعي تي سعودي شاهه سان تعزيت ڪئي. ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ وزيراعظم احمد اوگلو سان ڳالهائيندي ممنون حسين وڌندڙ بطرفن لاڳاپن تي جيڪي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي رهيا آهن انهن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. امير قطر شيخ طيمم بن حماد سان ڳالهائيندي صدر اميد ظاهر ڪئي ته قطر عالمي امن استحڪام ۽ بين المذاهب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. ممنون حسين افغان صدر سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن آذر بائيجان جي صدر ۽ بحرين جي شاهه کي به ٽيليفون ڪيو ۽ کين عيد جون واڌايون ڏنيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *