صدر عارف علوي ڪم جاري رکندو، نئين امڪاني وزير اعظم شھباز شريف کان حلف وٺندو، استعيفيٰ نه ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي(م.ڊ) عمران خان جي وزيراعظم واري عهدي تان برطرف ٿيڻ باوجود صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي عهدي تي ڪم جاري رکندو. هن استعيفيٰ ڏيڻ جو في الحال ڪوبه فيصلو ناهي ڪيو. تحريڪ انصاف جي اهم ترين ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي معمول موجب پنهنجا آئيني فرض انجام ڏئي رهيو آهي. هن پاڻمرادو استعيفيٰ ڏيڻ جو ڪوبه فيصلو ناهي ڪيو. تحريڪ انصاف قيادت پاران صلاح مشوري ۾ اڃان تائين عارف علوي کي صدر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو ڪوبه معاملو غور هيٺ ناهي آيو. ذريعن موجب امڪاني طور تي تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان جيڪڏهن پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشوري ۾ صدر عارف علوي کي استعيفيٰ جي لاءِ چيو ته پوءِ ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي عهدي تان پاڻمرادو استعيفيٰ ڏيڻ تي غور ڪري سگهي ٿو پر في الحال هو پنهنجون آئيني ذميواريون جاري رکندو. جيڪڏهن امڪاني وفاقي حڪومت صدر کي هٽائڻ جي لاءِ آئيني رستو اختيار ڪيو ته پوءِ هو حالتن جي حوالي سان ڪو فيصلو صلاح مشوري سان ڪندو پر امڪان آهي ته صدر ڊاڪٽر علوي نئين امڪاني وزيراعظم شهباز شريف کان سندس عهدي جو حلف وٺندو. صدر جي ويجهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته عارف علوي سياسي حالتن جو جائزو وٺي رهيو آهي. هو پنهنجي اڳوڻي سياسي وابستگي کي نظر ۾ رکندي تحريڪ انصاف قيادت جي فيصلي موجب پنهنجي عهدي جي حوالي سان فيصلو ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *