صدر سان وزيراعظم جي ملاقات،بدعنواني جي معاملي تي حڪومت جو رويو عدم برداشت وارو آهي:نواز شريف

اسلام آباد(بيورو) صدر ممنون حسين سان وزيراعظم نواز شريف ملاقات ڪري ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي رٿائن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.، ملاقات دوران  ملڪ جي سيڪيورٽي واري صورتحال، پاڪ – چين معاشي لنگهه رٿا ۽ توانائي توڙي بنيادي ڍانچي وارين رٿائن تي پڻ غور ڪيو ويو، ذريعن مطابق وزيراعظم نواز شريف ملاقات دوران صدر ممنون حسين کي مختلف معاملن تي حڪومتي فيصلن بابت ٻڌايو، ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته بدعنواني جي معاملي تي حڪومت جو رويو عدم برداشت وارو آهي، جڏهن ته ملڪي استحڪام ۽ ترقي لاءِ سڀني کي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ شفافيت ۽ قوم جي پئسي جو صحيح استعمال يقيني بڻايو پيو وڃي، ملاقات دوران آپريشن ضرب عضب ۾ مليل ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪندي اتفاق ڪيو ويو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *