صدر جو جي ايڇ ڪيو جو دورو، آرمي چيف سان ملاقات، علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ قومي سلامتي بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون آءِ ايس پي آر مطابق اربع تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، جي ايڇ ڪيو دوري تي پهتو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوا سندس آجيان ڪئي ان موقعي تي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو صدر شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گل چاڙهيا ۽ دعا گهري جنهن کان پوءِ صدر ۽ آرمي چيف وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ قومي سلامتي بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آئي ايس پي آر مطابق صدر پاڪ فوج جي آپريشنل صلاحيت کي ساراهيو صدر کي سائبر سيڪيورٽي بابت بريفنگ به ڏني وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *