صدر، وزيراعظم ۽ سياسي پارٽين جي سربراهن پاران پشاور ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد /ڪراچي (بيورو/اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم نواز شريف، صدر ممنون حسين، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ ٻين سياسي اڳواڻن پشاور بم حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. صدر ممنون حسين ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته پشاور ڌماڪن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. ممنون حسين چيو ته دهشتگردن کان بيگناهه ماڻهن جي رت جي ڦڙي ڦڙي جو حساب ورتو ويندو. صدر پاڪستان هدايت جاري ڪندي چيو ته بم حملن ۾ زخمي ٿيلن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم ميان نواز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان به دهشتگردن جي قهري ڪارروائي جي مذمت ڪئي آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، پرويز رشيد ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ به ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين، جماعت اسلامي جي امير ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پڻ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي. ٻئي پاسي مجلس وحدت المسلمين، اماميه رابطا ڪائونسل ۽ جعفريه الائنس پاران ڪي پي ڪي سميت سڄي ملڪ ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *