صدارتي ايوارڊ يافته ملڪ جو مشهور اداڪار گلاب چانڊيو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (اين اين آءِ) ٽي وي ۽ فلمن جو ناليوارو ڀلوڙ اداڪار گلاب چانڊيو جمعي تي ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس عمر 61 سالن هئي، گهرڀاتين موجب هو ضيابطيس ۽ بلڊ پريشر جو مريض هو، 2 ڏينهن اڳ کيس خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي هو جمعي جي شام 3 وڳي پنهنجي رب سان وڃي مليو، مرحوم جي جنازي نماز اڄ ڇنڇر تي نواب شاهه ۾ ادا ڪئي ويندي، 6 جنوري 1958 تي ڳوٺ شهمير چانڊيو نواب شاهه ۾ اک کوليندڙ گلاب چانڊيو ڪيترن ئي ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري، سندس مشهور ڊرامن ۾ چنڊ گرهڻ، نوري ڄام تماچي، بيوفايون، ماروي، ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن، پاڪستان جي حڪومت سندس خدمتن جي اعتراف ۾ کيس 14 آگسٽ 2015 تي صدارتي حسن ڪارڪردگي جو ٻلو به ڏنو هو، مرحوم گلاب چانڊيو ماٺيڻو شخص ۽ ٿڌي طبيعت ۽ انسان ذات جو ڀرجهلو هو، گلاب چانڊيو تازو ئي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪئي هئي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گلاب چانڊيو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي مرحوم جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *