صحبت پور ۾ روڊ حادثو، 4 ماڻهو اجل جو شڪار، 5 زخمي

ڊيره مراد جمالي (اي پي پي) صحبت پور ۾ ڄاڃين جي بس کي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 4 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن. ليويز فورس مطابق ڄڃ سان ڀريل بس ڳوٺ عبدالخالق عمراڻي مان ڳوٺ سليم کوسو ڏانهن وڃي رهي هئي ته ڳوٺ غني ويجهو تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي قابو مان نڪري روڊ جي پاسي ۾ واقع ڪينال ۾ ڪري پئ  ، حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 4 ماڻهو فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن. امدادي ٽيمن حادثي واري جاءِ تي پهچي زخمين ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *