صحافي  جمهوري  نظام جو اهم حصو آهن، سندن تحفظ حڪومتن جي ذميواري آهي: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد(بيورو) وڏي وزير جو اطلاعات کاتي بابت صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو  چيو آهي ته ڪا به خبر  شايع ڪرڻ  يا نه ڪرڻ   ميڊيا جي ادارن ۽  ميڊيا جي نگراني  ڪندڙ  ادارن جي پاليسي  جو  مسئلو آهي  ۽ عام صحافين ۽ پريس ڪلب  جي  ذميواري  نه  آهي. حيدرآباد پريس ڪلب  ۽  ملڪ جي ٻين حصن ۾ پريس ڪلبن ۽  صحافين  تي حملا  ۽ تشدد  افسوس جو ڳو  عمل آهي  جنهن جي  جيتري  به مذمت ڪجي اها  گهٽ آهي صحافي  جمهوري  نظام جو اهم  حصو آهن ۽ انهن جي تحفظ جي  ذميواري صوبائي  ۽ وفاقي حڪومتن جي آهي. اهڙو اظهار هن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪلب طرفان سينيئرفوٽو گرافر مشتاق اجميري جي وفات تي ڪوٺايل تعزيتي ريفرنس کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بدقسمتي سان اسانجي معاشري ۾ عدم برداشت  ۾ اضافو ٿي رهيو ۽ اختلاف برداشت نه ٿا ڪيا وڃن، جنهن سبب  معاشري زوال جو شڪار آهي، جڏهن ته صحافين کي سچ لکڻ يا ڳالهائڻ تي به ڪيترين مشڪلاتن کي  منهن ڏيڻو پئي ٿو. هن چيو ته ڪوبه پنهنجي نظريي کي ٻين تي زبردستي  لاڳو  نٿو ڪري سگهي ۽ ماضي ۾ پڻ ماڻهن من پسند اسلام آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسلام  اهو ئي رهندو جيڪو محمد صه  ڏنو. هن پريس ڪلب حيدرآباد جي عهديدارن کي چيو ته اهي پريس ڪلب تي ٿيندڙ حملي جي نتيجي  ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائي کيس  ٻڌايئن ته جيئن نقصان جي فوري طور ازالي لاءِ اپاءُ وٺي سگهجن. هن صحافين کي يقين ڏياريو  ته اهي  مستقبل ۾ پريس ڪلب تي حملي جهڙن واقعن کان بچڻ  ۽ کين مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ وڏي وزير سان  ڳالهه ٻولهه ڪندو. هن چيو ته پريس ڪلب تي حملي واري ڏينهن خدشن باوجود  انتظاميه پاران مناسب حفاظتي انتظام نه ڪرڻ جو پڻ جائزو ورتو ويندو.  مصطفيٰ ڪمال  بابت سوال تي  هن چيو ته  مصطفي ڪمال  پويان ڪنهن جو  ڪمال آهي  ڪجهه ڏينهن ۾  واضع ٿي ويندو. هن چيو ته اسان ان ئي جماعت کي مڃون ٿا جنهن سان عوام گڏ هجي  ۽ اسين  عوام مينڊيٽ جو احترام ڪيون ٿا  ۽ اسين  ڪنهن سازش  جو حصو نه بڻجنداسين. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪنهنجي  را  جو ايجنٽ  هجڻ ۽ ان سان لاڳاپيل  ٻيا معاملا  ملڪي سلامتي  جا  آهن ۽ اها  وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي  ته اها  انهن  ڳالهين جي  جاچ ڪري  ته  جيئن سچ سامهون اچي هڪ سوال تي هن چيو ته  نيب  جڏهن سنڌ ۾ ڪاروايون ڪري رهيو  هو  ته اهو مقدس ادارو  هو  پر جيئن ئي انهن پنجاب ڏانهن رخ ڪيو ته وزير اعظم ،  وزير اعليٰ پنجاب ، وفاقي وزير اطلاعات ۽ ٻين  نيب  تي سوال اٿارڻ شروع ڪري ڏنا  ۽ چيو ته  نيب  شريفن جو پڳون ڌوڙ  ڪري رهي آهي ۽ ماڻهن سان  ناانصافي ٿي رهي  آهي اهڙن بيانن کان پوءِ  نيب ۽ ان  جا فيصلا  تڪراري ٿي  ويا آهن.  هاڻي  نيب  کي  پاڻ  کي  غير جانبدار هجڻ جو ثبوت ڏيڻو پوندو، ان کان  اڳ تعزيتي  ريفرنس کي خطاب ڪندي صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو ته  مرحوم  فوٽو گرافر  مشتاق اجميري  خوش اخلاق  بهترين انسان  هو، جنهن جون خدمتون  هميشه ياد  رکيون  وينديون  ان  موقعي تي  سينئر صحافي علي حسن ، ناصر شيخ ، جنيد خانزاده ، الطاف ڪوٽي فرحان آفندي  ۽ ٻين  مرحوم  مشتاق اجميري کي  زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو  ۽ سندن  خدمتن جي واکاڻ ڪئي  صوبائي صلاحڪار اطلاعات مولا بخش چانڊيو  ان کان اڳ پريس ڪلب حيدرآباد جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ حملي سبب  پريس ڪلب کي  ٿيندڙ  نقصانن  جو  جائزو ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *