صحافين جو اتحاد ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ لازمي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ڪراچي يونين آف جرنلسٽس ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي گڏيل وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ صدر ڪي يو جي اعجاز احمد، جنرل سيڪريٽري عاجز جمالي، سعيد جان بلوچ، محمد ناصر شريف، محمد رفيق بلوچ، طلحه هاشمي، لبني جرار نقوي، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي حامد شيخ، جنيد خانزادو ،  آفتاب احمد شامل هئا. ملاقات ۾ سيڪريٽري انفارميشن عبدالرشيد سولنگي، ڊِائريڪٽر جنرل انفارميشن غلام ثقلين ۽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن سليم خان به موجود هئا، وفد صوبائي وزير کي اطلاعات کاتي جوقلمدان سنڀالڻ تي مبارڪون پيش ڪيون ۽ گلدستو پيش ڪيو. ڪي يو جي پاران صوبائي وزير کي صحافين جي مسئلن تي ٻڌل چارٽرڊ آف ڊمانڊ پڻ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافين ۽ انهن جي خاندانن جي هيلٿ  انشورنس ۽ لائف انشورنس جي سهولت فراهم ڪرڻ، سنڌ جرنلسٽس پروٽيڪشن بل  تحت ڪميشن جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صوبائي وزير ڪي يو جي کي گرانٽس ۽ هائوسنگ سوسائٽي جي مسئلن جي حل جي خاطري ڏياري، جڏهن ته ان موقعي تي حيدرآباد يونين آف  جرنلسٽس کي  گرانٽ ڏيڻ جي واري معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو . صوبائي وزير سيڪريٽري اطلاعات کي ڦوٽو جرنلسٽس کي صحافي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سنڌ جرنلسٽس پروٽيڪشن بل جو جائزو وٺڻ ۽  حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي گرانٽ بابت بہ پروپوزل جوڙڻ جي هدايت ڪئي.  صوبائي وزير چيو ته صحافين جي لائف انشورنس ۾ انهن جي خاندانن کي به شامل ڪيو ويندو.  صحافي پنهنجي حياتي کي خطري ۾ وجھي  صحافتي ذميواريون نڀائين ٿا ،  هيلٿ انشورنس سان گڏ صحافين جي لائف انشورنس تمام  ضروري آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سموريون صحافتي تنظيمون هڪ ٿي وڃن ته هيلٿ انشورنس سان گڏ لائف انشورنس تي به گڏيل حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. هن چيو ته هو وڏي وزير سان ان معاملي کي اٿاريندو ۽  سموري سنڌ جي تصديق ٿيل (سرٽيفائيڊ) صحافين جي لاءِ  ھيلٿ انشورنس ۽ لائف انشورنس جي پروگرام جو آغاز ڪبو. صوبائي وزير چيو ته صحافين جو اتحاد ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ لازمي آهي. منهنجي سمورين صحافتي تنظيمن کي گذارش آهي ته هو هڪ ٿي وڃن تقسيم سان اوهان جي طاقت گھٽجي ويندي آهي. ان موقعي تي ڪي يو جي جي جنرل سيڪريٽري عاجز جمالي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهيون جن صحافين جي ڀلائي جي لاءِ هميشه عملي اُپاءُ ورتا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *