صحافين تي تشدد جي مذمت، ميان صاحب پنهنجي گلو بٽن کي قابو ۾ رکي: بلاول ڀٽو/ناصر شاهه

لاهور(م.ڊ)  نواز شريف جي جلسي دوران نجي ٽي وي جي صحافين ۽ ڪئميرامينن تي ن ليگ جي ڪارڪنن تشدد ڪيو آهي. جنهن جي مختلف ڌرين پاران مذمت ڪئي وئي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، نواز شريف جي جلسي دوران صحافين ۽ ڪئميرامين تي تشدد جي مذمت ڪندي اهڙي عمل کي صحافت جي آزادي تي حملو قرار ڏنو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پ پ پ چيئرمين چيو ته جلسن ۽ جلوسن دوارن عورتن سان اڍنگو ورتاءُ ۽ صحافين تي حملن وارو لاڙو جمهوري روايتن ۽ سماجي قدرن لاءِ موتمار وهه آهي، اهڙن لاڙن کي روڪڻ لاءِ سياسي پارٽين ۽ انهن جي قيادت کي وڏي نظر ۽ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري مطالبو ڪيو ته صحافين تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي. سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ صحافين تي ٿيندڙ مارڪٽ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ميان صاحب پنهنجي گلو بٽن کي قابو ۾ رکي. هن چيو ته اسان بول ٽي وي جي رپورٽرز ۽ ٽيم تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ناصر حسين شاھ وڌيڪ چيو ته صحافين کي هيسائڻ نه ڏنو ويندو. ميڊيا جمهوريت جو ٿنڀو آهي ان جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي. وزير اطلاعات سنڌ سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته صحافين تي حملا ڪندڙن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *