صحافت خلاف مارشل لائي حربا استعمال نه ٿيڻ ڏينداسين: خورشيد شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان صحافت خلاف مارشل لائي حربا استعمال نه ٿيڻ ڏينداسين، وفاقي حڪومت خاموش تماشائي جو ڪردار ادا نه ڪري، ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته گلگت بلتستان ۾ پرنٽ ميڊيا جي بندش جمهوريت سوز آهي، حڪومت پرنٽ ميڊيا جي بحالي لاءِ فوري قدم کڻي، جڏهن ته اخبارن جي رهتن جي مد ۾ روڪيل رقم به فوري جاري ڪئي وڃي، هن چيو ته اسان گلگت بلتستان ۾ صحافت جو باعزت مقام هر صورت ۾ بحال ڪرائينداسين. خورشيد شاهه چيو آهي ته ڀاڄين جي اگهن ۾ واڌ حڪومتي ناڪامي جو ثبوت آهي، رياست کي حڪومتي پاليسين جي ناڪامي جي ڪري منهن ڏيڻو پيو پوي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته حڪومت هر معاملي مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ن ليگ وارا ناڪامي کي سازش جو نالو ڏيندا آهن. هن چيو ته حڪومت جو هر معاملي کي سازش قرار ڏيڻ سڀ کان وڏي ناڪامي آهي، ڇا هر سازش نواز حڪومت خلاف ئي ٿيندي آهي ۽ حڪومت پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *