صادق سنجراڻي سان اسد قيصر ۽ عثمان بوزدار جون ملاقاتون، تحريڪ عدم اعتماد کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ساٿ ڏيڻ جي خاطري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي چيئرمين جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سرگرم ٿي وئي، صادق سنجراڻي سان هڪ ڏينهن دوران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ سند ساٿ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي. ميڊيا جي رپورٽن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات دوران ٻنهي ايوانن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوط تي زور ڏنو. ملاقات دوران هن چيو ته وڏي ايوان ۽ ننڍي ايوا جي وچ ۾ سهڪار تي ٻڌل هوا جي ڪري ئي قانون سازي جو عمل ۽ پارليماني معاملا خوش اسلوبي سان هلي رهيا آهن. سينيٽ چيئرمين جو چوڻ هو ته آئيني معاملن ۾ وڏي ايوان کي هميشه ننڍي ايوان جو مڪمل سهڪار حاصل رهيو آهي ۽ سينيٽ به انهن معاملن  بهتري آڻڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ هو ته سينيٽ وفاق جي علامت آهي پر مخالف ڌر پارٽين کي به ايوان جو تقدس نظر ۾ رکڻ گهرجي ڇو ته ان ۾ سمورن صوبن جي گڏيل نمائندگي آهي. پنجاب جي وڏي وزير جي سينيٽ چيئرمين سان ملاقات: پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار صادق سنجراڻي سان ملاقات ۾ سينيٽ چيئرمين جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اسان سينيٽ چيئرمين سان گڏ هياسين آهيون ۽ رهنداسين. مخالف ڌر جي تحريڪ عدم اعتماد تي ڳالهائيندي عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته ان معاملي ۾ ڪا به پريشاني واري ڳالهه ناهي. سندس چوڻ هو ته سياسي فيصلو وٺڻ کان پوءِ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. صوبي ۾ وزيرن جي ڪارڪردگي تي ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته وزيرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي رهيا آهيون جنهن کان پوءِ جيڪڏهن ضرورت پئي ته قلمدان تبديل ڪري سگهجن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *