شڪارپور شهداءِ ڪميٽي جو لانگ مارچ ڪراچي ويجهو، ريڊ زون سيل، قلم 144 لاڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شڪارپور شهداءِ ڪميٽي جو مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل لانگ مارچ جو قافلو ڀٽ شاهه ۾ رات ترسڻ کانپوءِ مٽياري کانپوءِ حيدرآباد جي حدن کان ٿيندو ڪراچي پهتو، جڏهن ته حڪومتي وفد ڳالهين ذريعي لانگ مارچ روڪرائڻ جي ڪوششن ۾ ناڪام بڻجي ويو. ڀٽ شاهه ۾ رات ترسڻ دوران حڪومتي وفد سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا، ضياءُ الحسن لنجار جي اڳواڻي ۾ شهداءُ ڪميٽي سان ڳالهين لاءِ پهتو، پر اڳواڻن حڪومتي وفد سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهداءُ ڪميٽي جو مارچ ڀٽ شاهه ۾ رات ترسڻ کانپوءِ مٽياري پهتو، قافلي ۾ سانحي جي شهيدن جون وارث عورتن به شامل هيون، پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ شهداءُ ڪميٽي جي چيئرمين علامه مقصود احمد ڊومڪي چيو ته سنڌ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام بڻجي چڪي آهي، سنڌ جي وڏي وزير کي فوري طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته 19 ڏينهن کانپوءِ سنڌ حڪومت جاڳي آهي، ڳالهين لاءِ حڪومتي وفد پهتو پر رات جي اونداهي ۾ حڪومت سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن، ان ڪري هنن ڳالهين کان جواب ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته شڪارپور، خيرپور ۽ شهدادڪوٽ ۾ دهشتگردن جا اڏا موجود آهن، سنڌ حڪومت فوري طور تي انهن خلاف آپريشن شروع ڪري، نه ته حالتون اڃا به وڌيڪ خراب ٿي وينديون. سنڌ حڪومت پاران ڪراچيءَ جي ريڊ زون کي سيل ڪري قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته لانگ مارچ کي ڪراچيءَ جي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ تياريون ڪيون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *