شڪارپور سانحي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي (نمائندن وٽان) شڪارپور سانحي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شھداءَ ڪميٽي ۽ شيعا تنظيمن جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا. ھڙتال سبب مختلف شھرن جا سمورا ننڊا وڏا ڪارباري مرڪز بند رھيا. شڪارپور ۾ لکيدر چوڪ، ھاٿيدر، ھزاريدر، صدر بازار ۽ مينا بازار سميت ٻيا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. مدئجي ۾ شھر جا مک ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، اسٽيشن روڊ ۽ بس اسٽاپ مڪمل طور بند ڪيا ويا. بدين ۾ھڙتال سبب شھباز روڊ، شاھي بازار ڪڍڻ روڊ ۽ قائداعظم روڊ بند سميت شھر جو سمورو ڪاروبار بند رکيو ويو. دادو ۾ شهر جا ڪاروباري مرڪز اسٽيشن روڊ، شاهي بازار، ريشم گلي، نئون چوڪ، ڪچهري روڊ، چاندني چونڪ مڪمل بند رهيا جڏھن ته ڪنھن به اڻوڻندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ سڪيورٽي پڻ سخت ڪئي وئي آھي. جوهي ۾ مجلس وحدت المسلمين جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪرڻ بعد علي نواز مهدوي، احسان علي ۽ اعجاز حسيني هي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڪوٽڙيءَ ۾ شھر مڪمل بند رھيو جڏھن ته روڊن تان ٽريفڪ به معمول کان گھٽ رھي. شھداد ڪوٽ ۾ ڪاروبار بند رکي، مجلس وحدت المسلمين ۽ شيعا علماءَ ڪائونسل جي ڪارڪنن، سيد اڪبر شاھه، سردار مگسي ۽ حسين علي شاھه جي اڳواڻي ۾ شھر جي مک چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو. ڳڙهي خيري ۾ ڪاروبار بند ڪري، سيد بشير احمد شاھه، قمر عباس جمالي، جاويد لغاري ۽ غضنفر علي کنڊ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مرڪزي امام بارگاھه قصر حسين کان ريلي ڪڍي پنج گلا چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ميھڙ ۾ شعيا تنظيمن جي سڌ تي ڪاروبار بند رکيو ويو جڏھن ته منور جعفري، امير علي جوئي جي اڳواڻي ۾ مجلس وحدت المسلمين جي ڪارڪنن مرڪزي امام بارگاھه وٽ احتجاجي مظاھرو ڪيو. ڪنڌڪوٽ ۾ گھنٽا گهر چوڪ، سبزي منڊي، پيٽرول پمپس ۽ شھر جا ٻيا ڪارو باري مرڪز بند ڪرائي، ايم ڊبليو ايم پارٽي جي ڪارڪنن، مير فائق علي جکراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي. چوھڙ جمالي ۾ اصغريه آرگنائيزيشن پاران شھر جا ڪاروباري مرڪز شاھي بازار، سونارا بازار، حيدري چوڪ بند رھيا. دولتپور ۾ شھر اندر مڪمل شٽربند هڙتال رھي، جڏهن ته سوين ڪارڪنن پاران شفقت حسين لانگا ۽ ظهير عباس لانگا جي اڳواڻي ۾ مين روڊ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ڊگھڙي ۾ شٽربند ھڙتال ڪري، ايم ڊبليو ايم جي ڪارڪنن، بشير شاھه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو. جاتي ۾ سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جڏھن ته مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. جيڪب آباد، ٽنڊي محمد خان، قاضي احمد، ھالا، عمرڪوٽ، دوڙ، منھڙي، نصيرآباد، ميرپور بٺوري، ٻڍي قمبراڻي، فريدآباد، تلھار، ڪنڌرا، ڊکڻ، دڙي ۽ ٻين شھرن ۾ پڻ ڪاروبار بند رھيو. مختلف شھرن ۾ مظاھرن دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت شڪارپور سانحي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي. احتجاج ڪندڙن، مطالبو ڪيو ته شڪارپور ۾ ٿيل دھشتگرديءَ جي واقعي جا جوابدار جلد گرفتار ڪري، کين سرعام ڦاھي ڏني وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *