شڪارپور جي ڪچي ۾ پوليس مقابلو،5 ڌاڙيل مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد

شڪارپور(ڊ.ر) شڪارپور ضلعي جي خانپور جي ڪچي واري علائقي  ڳڙهي تيغو ، ڪرم پور ۾ ايس ايس پي شڪارپور ناصر آفتاب جي اڳواڻي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ڪئي وئي آهي جنهن ۾ گذريل ڏينهن ڪچي ۾ مسلسل 24 ڪلاڪ آپريشن بعد ڌاڙيلن سان سخت مقابلو ٿي پيو جنهن دوران هڪ پوليس اهلڪار علي گوهر مهر  گوليون لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو جڏهن ته ٻه پوليس اهلڪار عبدالستار ۽ يوسف پٺاڻ سخت زخمي ٿي پيا جن کي شڪارپور سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين معلوم ٿيو آهي ته مقابلي دوران 5 ڌاڙيل  مٺل تيغاڻي ۽ ٻيا مارجڻ جا اطلاع آهن ان حوالي سان ايس ايس پي شڪارپور  ناصر آفتاب چيو ته  مسلسل ٻن ڏينهن کان آپريشن تيز ڪيو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن تي پهچي وياسين جتي انهن جي گهرن ۽ ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ 4 ڌاڙيلن کي پڻ مقابلي ۾ ماريو ويو ويو آهي هن چيو ته شڪارپور ضلعي مان امن امان ۾ خلل وجهڻ وارن کي هرگز برداشت نه ڪنداسين ، ياد رهي ته ساڳئي علائقي ۾ محمود آباغ چونڪي تي ٻن پوليس اهلڪارن کي ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن ماريو هو جنهن کان پوءِ آپريشن تيز ڪري سڄي ڪچي جا ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *