شين وارن محل کپائي ڇاهٺ ڪروڙ رپيا منافعو ڪمائي ورتو

 

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي ليجنڊ ليگ اسپنر شين وارن 2 سال اڳ خريد ڪيل محل جهڙو گهر سٺو اگهه ملڻ تي 2 ارب 21 ڪروڙ 40 لک رپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي .شاندار ڪرڪيٽ ڪيريئر جي پڄاڻي بعد ملڪيتون خريد ڪري کپائڻ شين وارن جو پسنديده مشغلو آهي. هن 2 سال اڳ ميلبورن ۾ 14 ملين ڊالر (هڪ ارب 54 ڪروڙ 98 لک) ۾ 6 بيڊ رومن تي مشتمل مينشن (محل) خريد ڪيو هو، جنهن جي هاڻي 20 ملين ڊالر (2 ارب 21 ڪروڙ 40 لک رپيا) قيمت لڳي آهي.برطانوي ويب سائيٽ ڊيلي ميل موجب اڳوڻي ڪرڪيٽر شين وارن جي وڪرو ڪيل محل ۾ 6  لگزري بيڊ روم، فلم ڏسڻ لاءِ ٿيٽر، 7 باٿ روم، گاڏي بيهارڻ جا 4 گئريج، سوئمنگ پول، ورزش لاءِ پرائيويٽ جم ۽ ٽينس ڪورٽ به موجود آهن. اهڙي طرح ٻن سالن ۾ شين وارن کي 66 ڪروڙ 42 لک رپيا فائدو پهتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *