شيخ نهيان بن مبارڪ جي عمران خان، فردوس عاشق اعواڻ ۽ شهريار آفريدي سان ملاقاتون، ٻه طرفي لاڳاپن تي ڳالهيون

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل عرب امارات جي وزير شيخ نهيان بن مبارڪ جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ڪيو ويو، وزيراعظم عمران خان شيخ نهيان بن مبارڪ کي ڪشمير جي مسئلي جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ڀارت ۾ مودي سرڪار پاران تازي تڪراري شهريت بل جي متاثر مسلمان، بل خلاف سڄي ڀارت ۾ مظاهرن ۾ ٿيل جاني نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، شيخ نهيان بن مبارڪ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ بابت پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.

ٻئي طرف گڏيل عرب امارات جي وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان چيو آهي ته يو اي اي پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار جاري رکندو، پاڪستان سان ڀائپي وارن لاڳاپن تي يو اي اي کي فخر آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ هي دوستي اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيندي. شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان نيشنل لائبريري اچڻ تي وفاقي وزير فردوس عاشق اعواڻ ۽ شهريار آفريدي آجيان ڪئي. يو اي اي جي تعاون سان نيشنل لائبريري اسلام آباد ۾ بڪ پويلين جو افتتاح ڪيو ويو، هي پويلين گڏيل عرب امارات جي سفارتخاني جي سهڪار سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائپي ۽ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي، شيخ مبارڪ بن نهيان چيو ته يو اي اي پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جاري رکندو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ يو اي اي جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، گڏيل عرب امارات جي ٻين ڪيترن ئي شعبن جن ۾ پوليو جو خاتمو، سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ تعاون ڀائپي وارن لاڳاپن جو مظهر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *