شيخ رشيد منهنجو ڀيڻيوو ۽ وائرل وڊيو ڪال اصلي آهي هن منهنجي دوست سان نڪاح ڪيو: حريم شاهه

لاهور (م ڊ) ٽڪ ٽاڪ جي مشهور آرٽسٽ احريم شاهه چيو آهي ته وفاقي وزير شيخ رشيد منهنجو ڀيڻيوو آهي. حريم شاهه  هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته شيخ رشيد سان منهنجو گهريلو تعلق آهي، هو منهنجو ڀيڻيوو آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي دوست سان هن نڪاح ڪيو آهي. ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه چيو ته جيڪي ڳالهيون مون ڪيون آهن، جيڪڏهن اهي ڪوڙيون هجن ته شيخ رشيد منهنجي سامهون اچي ۽ قرآن شريف تي هٿ رکي ان ڳالهين جي ترديد ڪري. حريم شاهه انٽرويو ۾ وڌيڪ چيو ته جنهن مون سان وڊيو ٺاهي آهي. آئون انهن کي پڪڙي موبائيل فون جي ويجهو نه وٺي آئي هئس، جنهن مون سان فون تي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن کي زبردستي پنهنجو نمبر ناهي ڏنو ته مون سان فون تي ڳالهايو. حريم شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مون کي ڪنهن مان پريشاني هوندي ته پوءِ هو ڀلي صلاحڪار ئي ڇو نه هجي ايتري همت آهي جو مان پاڻ ان جي سامهون وڃي ڳالهايان. ياد رهي ته گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي حريم شاهه جي شيخ رشيد سان گڏ فون تي ڳالهه ٻولهه جي وڊيو وائرل ٿي هئي. ان حوالي سان حريم شاهه پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي ڪجهه وڊيو به شيئر ڪيون جنهن ۾ هو چئي رهي آهي ته شيخ رشيد سان فون تي ڳالهه ٻولهه  واري وڊيو اصلي آهي ۽ شيخ رشيد جڏهن  موبائيل تي فون ڪيو ته مون ان جي ڪال رڪارڊ ڪري ورتي، ڇاڪاڻ ته سڀاڻي ان معاملي تي ڪوبه مسئلو ٿي سگهيو ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *