شوال ۾ پاڪ فوج ۽ هوائي فوج جي گڏيل ڪارروائي دوران 21 شدت پسند مارجي ويا

راولپنڊي (اي پي پي) شوال ۾ پاڪ فوج ۽ هوائي فوج جي گڏيل ڪارروائي دوران 21 شدت پسند مارجي ويا. خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل رپورت موجب اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ ڀڄي ويل دهشتگردن جي ڳولا ۽ انهن جي ٺڪاڻن جي خاتمي لاءِ آرمي ايسوسيئيشن ۽ پاڪ هوائي فوج جي گڏيل آپريشن جاري آهي جڏهن ته زميني دستا پڻ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ حصو وٺي رهيا آهن. ان گڏيل ڪارروائي ۾ گذريل ڏينهن رات کان هيستائين 21 دهشتگرد مارجي ويا آهن. واضح رهي ته دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب 2014ع ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي کان پوءِ جاري آهي پر گذريل مهيني کان ان آپريشن جو آخري فيصلي جوڳو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، جنهن تحت شوال مان دهشتگردن جو خاتمو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *