شهيد ڀٽو جي جمهوري حڪومت تي هنيل راتاهي کي 38 سال مڪمل، پيپلز پارٽي پاران ڪارو ڏهاڙو ملهايو ويو

ڪراچي (نمائندن وٽان) ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ الحق پاران 5 جولاءِ 1977 تي شهيد ذوالفقار علي ڀـُٽي جي چونڊيل حڪومت تي هنيل راتاهي کي 38 سال مڪمل ٿيڻ تي پيپلز پارٽي پاران سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏهاڙو ملهايو ويو، ننڍن وڏن ‎شهرن ۾ جيالن احتجاجي مظاهرا ڪري ريليون پڻ ڪڍيون، دادو ۾ جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ خلاف پي پي سٽي، سپاف ۽ ڪلچرل ونگ پاران ڪارو ڏينهن ملهائيندي ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري پريس ڪلب آڏو مبين جمالي، نصر الله پنهور، صيف الله پنهور جي اڳواڻي ۾ ڌرڻا هنيا . خيرپور ۾ قيوم بروهي، خادم حسين شاھه، زاهد ڳنڀير، عرس ابڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻانهن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي جيلاني هائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. نوابشاهه ۾ پ پ پاران 5 جولاءِ جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن کي علي اڪبر جمالي،امداد ڌامراهه، انجنيئر عبدالرسول بروهي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڪنڌڪوٽ ۾ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر گل محمد جکراڻي،غلام رسول ميراڻي ۽ حمزي خان ميراڻي جي اڳواڻي ۾ پ پ آفيس کان گهنٽه گهر چوڪ تائين ڪاريون پٽيون ٻڌي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هالا ۾ جيالن شهيد ڀٽو هائوس کان سيد حاڪم علي شاهه، ڪامريڊ عثمان،گيدوڙي سنڌي ۽ حاجي امير بخش سولنگي جي اڳواڻي ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي. مدئجي ۾ پ پ ڪارڪنن عبدالحميد ميمڻ ۽ رجب جوڻيجي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڪنري ۾ بلاول ورڪرز آرگنائيزيشن طرفان تعلقي صدر عباس علي رند جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جو ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. مختلف شهرن ۾ ڪوٺايل احتجاجي مظاهرن ۽ تقريبن کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻن چيو ته 5 جولاءِ تي فوجي آمر چونڊيل وزيراعظم جو تختو اونڌو ڪري اونداهيءَ جو راڄ قائم ڪيو. هنن چيو ته جنرل ضياءُ الحق پاران جمهوريت تي هنيل راتاهي ۽ آمريتي راڄ جا اثر قوم اڄ به ڀوڳي رهي آهي. پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ان عزم جو اظهار ڪيو ته عوامي راڄ جي بالادستيءَ لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان نه ڪيٻايو ويندو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *