شهيد ڀٽو اڄ به عوام جي دلين ۾ زنده آهي، هن اصولن تي سر قربان ڪيو پر سوديبازي نه ڪئي: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته جيڪڏهن ٻيهر ن ليگ جي حڪومت ايندي ته دنيا ۾ ڪير ان سان ڳالهه ڪندو، جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي ته اسان دنيا کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين، پ  پ جي حڪومت بڻائڻي آهي ۽ پاڪستان کي بچائڻو آهي،جيالا متحد ٿي وڃن ۽ اسان سڀني کي ڏيکارينداسين ته پ پ ئي حڪومت ٺاهيندي، ڀارت جي ڪوشش آهي ته دنيا ۾ ڪو به پاڪستان جو دوست نه رهي، اسان ان کي به ڪاميابي ٿيڻ ناهي ڏنو ۽ ڊونلڊ ٽرمپ کي انگيج رکڻو پوندو، موجوده عالمي تناظر ۾ اسان کي گڏ ٿيڻو آهي ۽ اسان سڀ گڏ آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس لاهور ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 90 هين سالگره جو ڪيڪ ڪٽڻ واري تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کي ڪم ڪرڻ جو تمام ٿورو وقت مليو پر جيترو ڪم شهيد ڀٽو جي دور ۾ ٿيو پاڪستان ۾ ان کانپوءِ ٻيهر ايترو ڪم ناهي ٿيو، شهيد ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو، ون مين ووٽ جو تصور ڏنو، ملڪ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو جنهن سياسي ۽ اقتصادي اسٽيٽسڪو کي ٽوڙيو، اڄ پاڪستان کي ٻيهر ساڳين انقلابي سڌارن جي ضرورت آهي، هن چيو ته الحمد الله اڄ ملڪ ۾ جمهوريت آهي پر ڪمزور آهي، مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان چاهيون ٿا ته سڀ فيصلا عوام ڪري، طاقت جو سرچشمو عوام هجي، هن چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ سي پيڪ شروع ڪيو ۽ گوادر پورٽ کي چين جي حوالي ڪيو، سي پيڪ سان عام ماڻهو کي به فائدو ٿيڻ گهرجي. سنڌ ۾ ٿر ڪول منصوبي ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏئي رهيا آهيون، پ پ اقتدار ۾ آئي ته معيشت کي صرف امير ماڻهو لاءِ نه پر سڀني لاءِ بڻائينداسين، هن چيو ته اسان چونڊن ڏانهن وڌي رهيا آهيون، جيالو جتي به آهي تيار ٿي وڃي، 2018 ۾ سڀني کي ڏيکارينداسين ته پ پ ئي حڪومت ٺاهيندي، اسان تي فرض آهي ته اسان چونڊ وڙهون ۽ ڪامياب ٿيون، مون کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن پ پ جي حڪومت نه آئي ته پاڪستان جي مستقبل جو ڇا ٿيندو، ن ليگ جي انتهاپسندي بابت تاريخ سڀني جي اڳيان آهي، پاناما جو معاملو به سڀني جي اڳيان آهي، جيڪڏهن ٻيهر ن ليگ جي حڪومت آئي ته پوءِ دنيا ۾ڪير ان سان ڳالهيون ڪندو. آمريڪا جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪيئن ڳالهه ڪئي ويندي، جيڪڏهن تحريڪ انصاف حڪومت ۾ آئي ته دنيا کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين ته هڪ صوبائي حڪومت تعليم جو 3 سئو ملين جو بجيٽ ان مدرسي کي ڏنو ويو جيڪو طالبان جي استاد جو، عمران خان طالبان کي پنهنجو وڇڙي ويل ڀاءُ سڏي ٿو ته پاڪستان ڪٿي وڃي بيهندو، اسان آمريڪا، ڀارت ۽ دهشتگردن کي جواب ڏيڻو آهي، پ پ جي حڪومت بڻائڻي آهي ۽ پاڪستان کي بچائڻو آهي. هن چيو ته پ پ هميشه عوام دوست رهي آهي پر نواز شريف جي غلط فهمي آهي ته اوهان ادارن جي مخالفت سان سياست ڪري سگهو ٿا، نواز شريف ڪڏهن به عوام دوست ناهي رهيو، هن چيو ته منهنجو واضح موقف آهي ته جيڪڏهن شرجيل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عاصم تي الزام سچا ثابت ٿين ٿا ته مان کين پارٽي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيان هان، ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي ته اهو پارٽي کي بدنام ڪري، ڊاڪٽر عاصم کي دهشتگردي جي قلمن تحت گرفتار ڪيو ويو ۽ الزام لڳايو ويو ته ان جي اسپتال ۾ دهشتگردن جوعلاج ٿيو، کيس 90 ڏينهن لاءِ اندر ڪيو ويو ۽ ڪنهن سان ملڻ نه ڏنو ويو، اهو صاف سياسي انقام آهي، ڪيپٽن صفدر ۽ مريم نواز جي ڀيٽ ۾ شرجيل ميمڻ جو معاملو به سڀني جي اڳيان آهي، مان ذاتي طور ڪرپشن جي خلاف آهيان پر 2 قانون نه هئڻ گهرجن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *