شهيد فوجين جي پلاند جو حق رکون ٿا: چوڌري نثار

لنڊن (اين اين آءِ)وفاقي گرو وزير چوڌري نثارعلي خان چيو آهي ته پاڪستان بغير ڪنهن اڳرائي جي ڀارت پاران پنهنجي فوجين کي شهيد ڪرڻ تي بدلي وٺڻ جو حق رکي ٿو عالمي برادري ڀارتي ضد تي ڌيان ڏي پاڪستاني عوام ۽ سيڪيورٽي ادارا دهشتگردي جي عمل کي پنهنجي سرزمين تان هٽائڻ لاءِ پرعزم آهي پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي بين الاقوامي امن ۽ اسحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ گهرجي جڏهن ته برطانيا دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي ساراهيندي چيو ته حڪومت برطانيا پاڪستاني عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ پاڪ برطانيا لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي رهندي اڱاري تي 10 ٽائوننگ اسٽريٽ لنڊن ۾ گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان ۽ برطانوي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر سرمارڪ لائل گرانٽ جي ملاقات دوران برطانوي وزيراعظم ٿريسا جي آمد ٿي جنهن ۾ برطانوي وزيراعظم پاران وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو برطانوي وزيراعظم چيو ته هو 2017 کان پهريان پاڪستان جو دورو ڪندو گهرو وزير چيو ته وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ هن اميد جو اظهار ڪيو ته اقتدار جي دور ۾ پاڪ برانيا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا هن چيو ته ٿريسا ۾ پاڪستان جي دوري سان مختلف سطحن تي جاري پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ تعاون کي به وڌيڪ هٿي ملندي گهرو وزير چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڏسندڙ تازي علائقائي صورتحال جي تنازر ۾ وزيراعظم ٿريسا جو دورو تمام اهم موضوع ۽ وقت سر هوندو ان کي ٻطرفو ۽ هر طرف کان تعاون ۽ ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ هٿي ملندي برطانوي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر سان ملاقات دوران گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بين الاقوامي برادري خاص طور تي دوست ملڪ خطي ۾ ڀارت جي ضد تي ڌيان ڏين ۽ پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪن هن چيو ته بين الاقوامي برادري ۽ اسان جا دوست ملڪن کي پاڪستان جي خلاف ڀارتي ارادا ناڪام بنائڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ گهرجن برطانوي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان عوام جي بيشمار قربانين کي ساراهيو هن خاطري ڏياري ته برطانوي حڪومت پاڪستاني عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ پاڪ برطانيا لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي رهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *