شهيد سورهيه بادشاهه کي ڦاهي ڏيڻ وارو ڪيس ٻيهر کولڻ جو مطالبو

حيدرآباد (بيورو) سنڌ جي سياسي، مذهبي اڳواڻن، ليکڪن، حر جماعت جي معززين ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته شهيد سورهيه بادشاهه جي ڦاهي ڏيڻ وارو ڪيس ٻيهر کوليو وڃي، 20 مارچ تي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري سرڪاري سطح تي پروگرام ڪرايا وڃن. اهڙو اظهار حيدرآباد ۾ مسلم ليگ فنڪشنل قاسم آباد طرفان سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا هال ۾ پير سيد صبغت الله شاهه شهيد سورهيه بادشاهه جي 72 هين ورسي جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب ۾ خطاب ڪندي ۽ قراردادون پاس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مسلم ليگ فنڪشنل ليڊيز ونگ سنڌ جي صدر ۽ ايم پي اي نصرت  سحر عباسي اعلان ڪيو آهي ته سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيل حر ايڪٽ کي ختم ڪرائڻ لاءِ تمام جلد اسيمبلي ۾ قرارداد آندي ويندي ۽ تعليمي نصاب ۾ شهيد سورهيه بادشاهه بابت سبق شامل ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو ويندو. هن چيو ته پير سيد صبغت الله شاهه شهيد سورهيه بادشاهه اسان سڀني جو آئيڊيل شخصيت جو مالڪ هئو. هن چيو ته شيهد سورهيه بادشاهه جي سوچ ۽ نظرئي تي هلي ڪري اسان وطن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا. سورهيه بادشاهه ۾ بهادري ۽ شجاعت هئي جنهن ڪري انگريز به سامهون ڪنڌ کڻي نه ڳالهائيندو هو. ناليواري ليکڪ، محقق ۽ پير سيد صبغت الله شاهه شهيد سورهيه بادشاهه ۽ حر تحريڪ تي ڪتاب لکندڙ پرو فيسر الهورايو بهڻ چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه کي جڏهن انگريزن گرفتار ڪري حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد رکي ڪيس هلايو ته شهيد سورهيه بادشاهه جي طرفان ڪير به شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو ۽ انگريزن جن ماڻهن کي خريد ڪيو انهن شهيد سورهيه بادشاهه جي خلاف شاهديون ڏنيون ۽ انگريز 6 مهينا ڪئمپ قائم ڪري رکي هئي. هن چيو ته اسان کي تاريخ ۾ اڪيلو ڪيو ويو. ڇو ته انگريز جيڪا تاريخ لکرائي اڄ به انهن جي ريڪارڊ ۾ موجود آهي ۽ حرن کي ڌاڙيلن سان سڏيو ويندو هو ان حوالي سان 1940 ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ به حرن جي خلاف ايڪٽ پاس ڪرايو جنهن ۾ ڪنهن به ميمبر مخالفت نه ڪئي جيڪا سراسر نا انصافي آهي. مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي حيدرآباد جي صدر محمد افضل گجر چيو ته پاڳارا خاندان جي تاريخ 200 سال پراڻي جن پنهنجي دور ۾ اسلام سان گڏ وطن جي خدمت ڪئي ۽ وطن جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رکي. هن چيو ته اسان اڄ به ذهني غلام آهيون جنهن مان نڪرڻ لاءِ شهيد سورهيه بادشاهه جي ڏسيل راهه تي هلڻ جي ضرورت آهي. سينئير صحافي ۽ حر جماعت جي معزز شخصيت فقير منٺار مڱريو چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه جهڙو عظيم هيرو ايشيا ۾ نه ملندو جنهن وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو نعرو هڻي ملڪ آزاد ڪرايو. هن مطالبو ڪيو ته شهيد سورهيه بادشاهه جو ڪيس ٻيهر هلايو وڃي. جي يو آءِ حيدرآباد جي امير مولانا تاج ۾ محمد ناهيون چيو ته شهيد سورهيه بادشاهه انگريزن سان ٽڪر کاڌو پر سر نه جهڪايو. هن چيو ته اهڙا بهادر ماڻهون صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن هن ڌرتي به اسان کي سورهيه بادشاهه جهڙا ماڻهون ڏنا جن وطن جي آزادي لاءِ جنگ وڙهي پنهنجي جان قربان ڪئي. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي اڳواڻ مولانا عبدالوحيد قريشي، ايم ايس ايف فنڪشنل سنڌ جي صدر وقار جٽ، عبدالوهاب منشي، محمد امين احمداڻي، استاد نظاماڻي، ناظر حسين نظاماڻي، سيد اسد شاهه راشدي، فقير غلام نبي پنهيار ۽ ٻين خطاب ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *