شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 36هين ورسي اڄ ملهائي ويندي، سنڌ ۾ عام موڪل اعلان

ڪراچي/لاڙڪاڻو(نمائندن وٽان)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي سلسلي ۾ اڄ  ڇنڇر تي ڳڙهي خدا بخش ۾ ٿيندڙ جلسو برسات جي سبب نئو ديرو هائوس منتقل ڪيو ويو آهي . اهڙو اعلان پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات  ۽ سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جمع ڏينهن جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته طوفاني برساتن ۽ هوائن سبب 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي سلسلي ۾ ڳڙهي خدا بخش ۾ ٿيندڙ جلسو هاڻي نئو ديرو هائوس منتقل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پارٽي جي اعلي قيادت ملڪ جي ڏورانهن علائقن مان ايندڙ پارٽي جي ورڪرن کي هدايت ڪئي آهي ته ڇاڪاڻ ته ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسي گاهه واري هنڌ پاڻي ڀرجي وڃڻ  سبب هاڻي اتي جلسو ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري هو ڳڙهي خدابخش اچڻ بجاءِ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ورسي جا پروگرام منعقد ڪن ۽ قرآن خواني منعقد ڪن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته لاڙڪاڻي، سکر، دادو ۽ بينظيرآباد جا ڪارڪن ورسي ۾ شرڪت لاءِ نئو ديرو هائوس پهچندا ۽ اهي ورسي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندا. جڏهن ته ٻين ضلعن جا ڪارڪن مقامي سطح تي قرآن خواني ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪندا. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته پارٽي جي اعلي قيادت اهو فيصلو ڪارڪنن کي تڪليف ۽ پريشاني کان بچائڻ لاءِ ڪيو آهي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت اڄ پوري صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پوري صوبي ۾ عام موڪل هوندي، سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان مطابق سنڌ حڪومت اڄ پوري صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري قائد عوام شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي 36هين يوم شهادت جي موقعي تي جمهوريت پسندن کي چيو آهي ته اهي پاڻ کي جمهوريت جي اعليٰ قدرن لاءِ وقف ڪري ڇڏين ۽ عوام کي خودمختيار ۽ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ گڏيل طور تي اڳتي وڌن شهرين کي بااختيار بنائڻ جو مشن اڳتي وڌائڻ لاءِ عوام کي ايندڙ ٿيندڙ ضلعي حڪومتن جي چونڊن ۾ پنهنجا نمائندا آزادي ۽ بنا خوف خطري جي چونڊن ته جيئن جيڪڏهن ان روٽ جي سطح تي عوام کي بااختيار بڻائي سگهجي آصف زرداري شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هن قوم کي ڪافي تحفا ۽ خوشيون ڏنيون جنهن مان هڪ گڏيل آئين به آهي ۽ ان کان علاوه هڪ پرامن نيوڪليئر پروگرام ڏنو جنهن سان ملڪ جو دفاع مضبوط ٿي ويو. ان جي انهن ٻن اثاثن جي هر صورت ۾ حفاظت ڪرڻي آهي ۽ ڪئي ويندي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو نه صرف عوام کي سجاڳ ڪيو پر ان کي هڪ اميد به ڏني هن پاڪستان جي عوام کي حوصلو ڏنو ته طاقت جو سرشمو عوام آهي ۽ طاقت بندوق جي گولي سان ناهي ايندي اهو ئي سبب آهي جو ڊڪٽيٽر شپ ملڪ ۾ نه واڌ ويجهه ڪري سگهي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو انهيءَ لاءِ اڄ به عوام لاءِ ميناره نور ۽ اميد آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *