شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس فوجي عدالتن ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو حڪومت ڪندي: رحمان ملڪ

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ، چيف جسٽس کي شهيد بينظير ڀٽو  قتل ڪيس روزاني بنيادن تي هلائڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي، رحمان ملڪ چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس فوجي عدالتون منتقل ڪرڻ ڪرڻ جو فيصلو حڪومت ڪندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته فوجي عدالتون قائم ڪرڻ ڏکيو فيصلو هو پر موجوده صورتحال ۾ اهڙي عدالتن کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. هن چيو ته هن وقت خيبرپختونخواهه جنگ واري صورتحال۾ آهي، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سڀئي پارٽيون متحد آهن، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪارروائي جاري رهڻ گهرجي. رحمان ملڪ چيو ته پشاور اسڪول حملي ۾ شهيد ٿيل ٻارڙن کي اعليٰ اعزاز سان نوازيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ رحمان ملڪ چيو ته دهشتگردن جو ٽرائل تڪڙي بنيادن تي اڪلائڻ سٺو عمل آهي، چيف جسٽس کي اپيل آهي ته شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي به روزاني بنيادن تي ٻڌڻي ڪئي وڃي. رحمان ملڪ وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس فوجي عدالتن ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو حڪومت ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *