شهيد اسفند يار جهڙن بهادر سپوتن سبب دهشتگردي خلاف جنگ کٽينداسين: وزير اعظم

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته شهيد اسفند يار جهڙن بهادر سپوتن سبب دهشتگردي خلاف جنگ کٽينداسين، ڪيپٽن اسفند يار ۽ ٻيا شهيد ملڪ ۽ قوم جو فخر آهن، دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي جوانن تاريخون ٺاهيون آهن، خابرو ادارن موجب وزير اعظم نواز شريف سان شهيد ڪيپٽن اسفند يار جي والد ڊاڪٽر فياض بخاري ملاقات ڪئي آهي، ان موقعي تي وزير اعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته اسفند يار ۽ پاڪ فوج جي ٻين شهيدن سر جون قربانيون ڏئي ملڪ جي بقاءَ کي يقيني بڻايو آهي، سندس چوڻ هو ته انشا الله شهيد اسفند يار جهڙن بهادر سپوتن سبب دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فاتح ٿينداسين، ان موقعي تي وزير اعظم ملڪ مٿان شهيد ٿيل جوانن جي وارثن کي سلام پڻ پيش ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *