شهلا رضا سنڌ اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ کي پٽ چئي ڳالهايو

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا شهريار مهر ۽ سليم راجپوت کي پٽ چئي ڳالهائيندي رهي جڏهن ته شهريار مهر به شهلا رضا کي ”امي جي“ جو خطاب ڏئي ڇڏيو آهي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو اجلاس دوران شهريار مهر ۽ سليم راجپوت ڪنهن موضوع تي ڳالهائڻ  لاءِ اٿي پيا جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ٻنهي ڄڻن سان ڳالهائيندي چيو ته پٽ ويهي رهيو جنهن موضوع تي اوهان ڳالهائڻ چاهيو ٿا اهو معاملو عدالت ۾ آهي جنهن کانپوءِ هو پنهنجي سيٽ تي ويهي رهيا پر جواب ڏيڻ بغير نه رهي سگهيا ۽ شهلا رضا کي چيو ”امي جي“ اهو ته اوهان جو اختيار آهي، جنهن تي شهلا رضا چيو ته اميد آهي ته اوهان انهن لفظن جو آئنده خيال رکندو جنهن تي عيوان زوردار ٽهڪن سان گونجي اٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *